اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سمورين جماعتن سان نئين ميثاق جمهوريت تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون پارليامينٽ ۾ ايندڙ سياسي اڳواڻ بنيادي اصولن تي سوديبازي نه ڪن جيڪي ظلم ۽ زيادتي منهنجي والد نوازشريف جي دور ۾ برداشت ڪئي نٿو چاهيان ته اهي سڀ شريف خاندان سان ٿين عوام ۾ بي بي شهيد جو مشن کڻي نڪتو آهيان محنت کان نٿو ڊڄان نتيجن لاءِ محنت ضروري آهي گارگند واري سياست، گارگند بريگيڊ جي سياست پاڪستان برداشت نٿو ڪري سگهي اليڪشن کان پوءِ وزيراعظم جو فيصلو ٿيندو نوازشريف کي جيل ۾ بنيادي سهولتون ملڻ گهرجن اڱاري تي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالکائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام پيپلزپارٽي جو نظريو قبول ڪري ٿو ان جو نتيجو 25 جولاءِ تي آڏو ايندو منهنجو ڌيان عوام جي مسئلن ۽ پارٽي منشور تي رهيو آهي منهنجي پهرين اليڪشن آهي چونڊ مهم به هلائي رهيو آهيان مان عوام ۾ بي بي شهيد جو مشن کڻي نڪتو آهيان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ اليڪشن جي ڳالهه نه آهي هي مشن جاري رهندو محنت کان نٿو ڊڄان نتيجن لاءِ محنت ضروري آهي. هن چيو ته گارگند ۽ نفرت وري سياست کي مرڪزي دارا ۾ آڻينداسين ته نوجوان سمجهندا ته ايئن ئي ڪرڻو آهي نوجوانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته مثبت ڪردار ادا ڪيو بلاول ڀتو زرداري چيو ته اليڪشن کان پوءِ وزرياعظم جو فيصلو ٿيندو جڏهن ته آصف علي زرداري جو نظريو مخلوط حڪومت سان مثبت نتيجا ملي سگهن ٿا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جي حڪومتن پ پ پ جي حڪومتن رياست ۽ ميعشٽ کي مضبوط ڪيو پ پ ملڪ جي اها سياسي جماعت آهي جيڪا سمورن مسئلن کي منهن ڏيئي سگهي ٿي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ سياسي اتحاد حقيقي خطرو هجي ها ته سامهون اچي مقابلو ڪري ها سنڌ ۾ سياسي اتحاد بيڪ ڊور جي ذريعي ڪم نٿو ڪري هاڻي به ڪٺپتلي جماعتون 2018 جي آءِ جي آءِ جو حصو آهن هڪ سوال تي هن چيو ته نوازشريف ۽ شهبازشريف سان گڏ ماضي جو اسان جو تجربو مثبت ناهي رهيو مسلم ليگ (ن) نوازشريف ۽ شهبازشريف ميثاق جمهوريت تي اعتماد وڃايو اسان جمهوريت پسند جماعتن سان ميثاق جمهوريت تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون ضرورت پئي ته پارليامينت ۾ ايندڙ سمورين جمهوريت پسند جماعتن جي اتفاق راءِ جي ڪوشش به ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته فاشست سوچ رکندڙ سياستدانن جي تعليمات سان ملڪ جو ٽيلينٽ ضايع ٿي ويندو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو ڌيان پارٽي منشور ۽ عوامي مسئلن تي آهي پاڻ به پارليامينٽ ۾ هوندس ۽ پ پ پ جا نمائنده به هوندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟