سائره افضل تارڙ ۽ فواد چوڌري خلاف نااهلي واريون درخواستون رد، چونڊ وڙهڻ جي اجازت

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سائره افضل تارڙ ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان فواد چوڌري جي خلاف نااهلي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ سائره افضل تارڙ جي خلاف نااهلي جي درخواس تي ٻڌڻي ٿي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ ڪئي درخواست گذار مخالف اميدوار شوڪت علي ڀٽي جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته سائره افضل نامزدگي ڪاغذن ۾ 2 بئنڪ اڪائونٽ ظاهر ناهن ڪيا جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اڪائونٽس ۾ وڏي رقم پئي آهي ته پوءِ اوهان جو ڪم ٿي ويندو وڪيل جواب ڏنو ته مون وٽ سائره افضل تارڙ جي بئنڪ اڪائونٽس جو تفصيل نه آهي هن نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي زمين کڻي وڌيڪ ٻڌائي اهي جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سائره افضل پنهنجي زمين گهٽ ٻڌائي ها ته مسئلو ٿئي ها پر هن زمين وڌيڪ ٻڌائي ته ڪوئي مسئلو نه آهي عدالت اين اي 87 مان (ن) ليگ جي اميدوار سائره افضل تارڙ کي اهل قرار ڏيئي ڇڏيو ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان فواد چوڌري جي نااهلي جي خلاف درخواست به رد ڪري ڇڏي،  فواد چوڌري جي خلاف درخواست مخالف اميدوار سيد گوهر شاهه پاران داخل ڪئي ويئي درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو ته فواد چوڌري نامزدگي ڪاغذن ۾ صحيح حقيقتون ناهن ٻڌايون فواد چوڌري پاڻ کي وڪيل چوي ٿو ته ٽيڪس فارم ۾ پاڻ کي پگهاردار ظاهر ڪيو جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏنا ته اوهان وقت تي اعتراض ناهن ڪيا اوهان اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ۽ جيڪي اعتراض اوهان سپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪيا اهي ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪم ايندا جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان هڪ ئي فورم تي ٻه دفعا اعتراض واريو عدالت درخواست رد ڪندي فواد چوڌري کي اهل قرار ڏيئي ڇڏيو.  ٻئي طرف  لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊ پوسٽر تي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جي تصوير لڳائڻ جي ڪيس ۾نااهل قرار ڏنل پي ٽي آءِ اميدوار ناصر چيما کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،  جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن چونڊ پوسٽرن تي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جي تصوير لڳائڻ تي پي پي 53 گوجرانوالا پي ٽي آءِ اميدوار ناصر چيما کي نااهل قرار ڏنو ويو هو، جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته منهنجي اصيل کي چونڊ پوسٽر لڳائڻ جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن کيس غير قانوني طور نااهل ڪيو آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ناصر چيما کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں