ڊالر 6 رپيا واڌ سان 131 رپين جي بلندترين سطح تي پهچي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج ٻاڙائي جو شڪار ، پرڏيهي قرض ۾ 800 ارب رپيا اضافو

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر 127 روپيا 50 پئسن جي سطح تائين پهچي ويو.ڊالر جي قدر تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي وئي، انٽربينڪ فارن ايڪسچينج مارڪيٽ ۾  آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 6 روپيا واڌ ڏٺي وئي جنهن کانپوءِ هڪ ڊالر 127 روپيا 50 پئسن جو ٿي ويو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 4 روپيا واڌ ٿي جنهن کانپوءِ آمريڪي ڊالر 128 روپيا 20 پئسا ٿي وئي.روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي کانپوءِ پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو 540 ارب روپيا وڌي ويو، ماهرن موجب ڊالر مهانگو ٿيڻ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو.معاشي ماهرن جو چوڻ آهي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ ادائيگين سبب پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.جمعي تي ڪاروبار جي ختم ٿيڻ تي ڊالر 121 روپيا 54 پئسا جو هو جنهن ۾ لڳاتار واڌ ڏٺي پئي وڃي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪاروبار جي دوران ڊالر 110 روپيا 50 تي ٽريڊ ڪري رهيو هو ۽ مختلف وقتن ۾ ان ۾ لڳاتار واڌ ڏٺي پئي وئي. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ هنڊرڊ انڊيڪس 605 پوائنٽن سان بند ٿيو. انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جي بلند ترين سطح کانپوءِ سيڙپڪار به بي يقيني واري صورتحال ۾ نظر آيا. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڊالر جي بلند ترين سطح سبب 100 انڊيڪس ۾ 8 سئو پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي. مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي ۽ پوائنٽن جي گهٽتائي سبب هنڊرڊ انڊيڪس پهرين سيشن ۾ 39 هزار 500 جي سطح کان به هيٺ اچي ويو. ڪاروبار جي خاتمي تي هنڊرڊ انڊيڪس ۾ 605 پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس 39 هزار 665 تي بند ٿيو. ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب حڪومت جي پرڏيهي قرضن ۾ 800 ارب رپين جو اضافو ٿي ويو آهي جنهن سبب حڪومت جو مجموعي پرڏيهي قرض 8120 ارب رپيه ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مئي جي پڄاڻي تي حڪومت جو پرڏيهي قرض 7324 ارب رپيه ٿي ويو هو، مئي ۾ حڪومتي قرضن جي ماليت 63 ارب 35 ڪروڙ ڊالر هئي، مئي مهيني ۾ پرڏيهي قرضن جي ماليت رپئي ۾ 115 ڏهائي 61 جي شرح جي مٽاسٽا مان ڪڍي وئي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں