پاڪستان ايران فوجي سهڪار وڌائڻ تي سهمت، علائقائي امن تي هاڪاري اثر پوندا: آرمي چيف

اسلام آباد  (م ڊ) پاڪستان ۽ ايران ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل ڊاڪٽر محمد باقري جي ايڇ ڪيو  جو دورو ڪيو ۽ جنرل قمر جاويد باجوه سان وفد سان گڏجي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي ۽ خطي جي سڪيورٽي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايراني وفد پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي ۽ پاڪ ايران بهتر لاڳاپن لاءِ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي سلامتي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ ايران فوجي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪ ايران فوجي سهڪار خطي ۾ امن امان ۽ سڪيورٽي جي صورتحال تي سٺو اثر وجهندو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ خطي جي سلامتي جي صورتحال سميت دفاعي تعاون ۽ پاڪ ايران سرحدي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ ايران فوج تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪ ايران فوجي تعاون خطي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي مثبت اثر وجهندو.آءِ ايس پي آر موجب معزز مهمانن پاڪ ايران بهتر لاڳاپن لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته ايراني وفد پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي به مذمت ڪئي. ٻئي طرف افغانستان جي صدر اشرف غني  پاڪستان جي نگران وزيراعظم  ناصر الملڪ  ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده کي فون ڪري ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي.  هن ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم ناصر الملڪ  ساڻس ڳالهائيندي چيو ته  بزدلاڻا حملا جمهوريت کي پٽڙي تان  لاهڻ جي ڪوشش آهن،  پر نگران سرڪار  وقت سر چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي قائم آهي، ٻنهي اڳواڻن علائقي ۾ امن لاءِ دشمنن  کي شڪست ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں