ڪوئيٽا (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستاني قوم بهادر آهي، 25 جولاءِ تي ووٽ جي مدد سان دهشتگردن کي شڪست ڏيندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ سراوان هائوس پهچي سراج رئيساڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جا واقعا ڪٿي به نه هئڻ گهرجن، اليڪشن هڪ خوف جي ماحول ۾ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته اليڪشن کان اڳ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا افسوس جوڳا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته دهشتگردي کي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي، سڪيورٽي اسان جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ کي اميد آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون. هن چيو ته پاڪستاني قوم بهادر آهي، 25 جولاءِ تي ووٽ جي مدد سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته ڪٿي به دهشتگرديءَ جا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، اليڪشن هڪ خوف جي ماحول ۾ وڙهڻ وڃي رهيا آهيون.سي ايم ايڇ ۾ زخمين جي عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، عالمي برادريءَ سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا آهن. هن چيو ته نئين حڪومت کي معيشت توڙي عالمي برادريءَ سان بهتر لاڳاپن جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪي پي مان دهشتگردي ختم نه ڪئي آهي، احتساب جا ادارا بند پيل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف ۽ عمران خان سان نظرياتي اختلاف آهن، احتساب بنا فرق ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سياست کي فٽبال وانگر کيڏيو ويندو ته ڪرپشن جو اشو ختم نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته سموري ملڪ ۾ احتساب جو هڪ ئي نظام هئڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان روز نئين ڳالهه ڪندو آهي، سندس يوٽرن کي فالو نه ٿو ڪري سگهان. سندس چوڻ هو ته انتها پسندي ۽ دهشتگردي سموري ملڪ جو مسئلو آهي، معيشت بدحالي جو شڪار آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟