سانگهڙ / ٽنڊوآدم / شهدادپور (نمائندن وٽان) حُر جماعت جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارو حُر تحريڪ جي تاريخي ماڳ گڙنگ بنگلي تي آيل حُر جماعت جي هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن کي خطاب ڪندي چيو ته اوهانکي ياد هوندو ته مون سال ڏيڍ اڳ اوهانکي ٻڌايو ته هوته مهانگائي آسمان تي ويندي پنهنجي ٻاررن ٻچن لاءِ لازمي بچت ڪيو جن عمل ڪيو اهي خوش هوندا جن ان تي غور نه ڪيو تن کي لازمي بچت ڪرڻ کپي ڇاڪاڻ ته مهانگائي ٿوري وقت ۾ تمام وڌي ويندي، پاڻ چيائون ته هي حالات ان ڪري ڏسڻا پيا آهن جو حڪومت ڏهه سال توهانجو ۽ اسانجو پئسو ٻاهر موڪلي ڇڏيو آهي، ماڻهن پراپرٽي خريد ڪئي آهي ان ۾ سياستدان 10 سيڪڙو ۽ آفيسر 90 سيڪڙو بيورو ڪرپٽ شامل آهن جن وٽ ٻٽي شهريت آهي، ۽ سندن ٻار به ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا پيرسائين جن خطاب ڪندي چيو ته خدا تعاليٰ وٽ هر شيءَ جو نظام آهي، قرآن شريف ۾ لکيل آهي ۽ اسانجا وڏا ٻڌائيندا هئا ته جھڙي قوم ٿيندي خدا حاڪم به تهڙو ٿو ڏئي، جڏهن اسان پاڻ صحيح ٿياسون ته حاڪم پاڻهي صحيح ٿي ويندا، ڀاشا ڊيم جو ذڪر ڪندي چيائون ته ڀاشا ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي، ڊيم ٽن چئن سالن ۾ نه ٺهيو ته پيئڻ لاءِ به پاڻي نه بچندو ملڪ جي چيف جسٽس صاحب ڊيم لاءِ پيئسه گڏ ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي ان ۾ جيڪو رپيو پنج روپيه سئو روپيه چندو ڏئي سگھو ٿا اهو ڏيو ۽ بئنڪ ۾ جمع ڪرايو پاڻ چيائون ته فوج دهشت گردن سان مقابلو ڪري دهشت گرديءَ کي گھڻو گھٽ ڪيو آهي خدا تعاليٰ پاڪستان کي حفظ امان ۾ رکي توهان هميشه نماز ۽ ذڪر کان پوءِ درگاهه شريف، جماعت ملڪ ۽ فوج لاءِ دعاگو رهو ته خدا فوج کي ملڪ جي حفاظت جي توفيق ڏئي، هن جماعت ۽ واسطيدارن کي اهاپڻ هدايت ڪئي ته پنهنجي اولاد جي تربيت ڪيو سندن پڙهائيءَ جو تمام گھڻو خيال ڪريو خاص طور نياڻين جي صحيح تربيت ۽ تعليم ڪيو ڇاڪاڻ ته اها پڙهائي ئي کين ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندي.ٻئي طرف حرن جو رحواني پيشوا ۽ جي ڊي اي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ضلعي سانگهڙ جي دوري دوران ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ مير حسن مري ۾ اڳوڻي ايم اين اي لياقت علي مري جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي جتي حر جماعت مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻن ڪارڪنن سندن شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي پير سائين پاڳارا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي جي نظر اچي رهي آهي نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري عدالتي حڪم تحت ٿي آهي هن چيو ته نيب چيئرمين نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي صلاح مشوري سان مقرر ٿيو هن چيو ته اليڪشن سرگرمين دوران دهشتگرد حملن تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي آرمي، رينجرس ۽ پوليس حالاتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، پي پي وارن کي ورڪ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به نه روڪيو آهي پر هنن سندن ووٽرن کي عزت نه ڏني جنهن ڪري ورڪر ۽ ووٽر سندن گهيراءُ ڪري رهيا آهن، سنڌ اندر پي پي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان جي ڊي اي ٺاهي، ٻين پارٽين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن سڀاڻي تائين فيصلو ڪيو ويندو اسان چاهيون ٿا ته سنڌ اندر اليڪشن ۾ پي پي سان ون ٽو ون مقابلا ٿين. هن چيو ته پي پي وارا اسان ۽ ايم ڪيو ايم خلاف اجائي واويلا ڪري رهيا آهن هنن کي اهو وقت ياد ناهي ته جڏهن نائن زيرو تي وڃي ڪري اجرڪون ۽ ٽوپيون پاتيون هيون، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو اسٽاف سنڌ ۾ صحيح نظر نه اچي رهيو آهي اسان 2013 واري اليڪشن ۾ چيو هو ته پي پي ٽن صوبن مان ختم ٿي وئي آهي باقي سنڌ ۾ پئسي ۽ ڏنڊي جي زور تي اليڪشن کٽيندي ۽ اهو ئي ٿيو پر 2018 واري اليڪشن ۾ فرق آهي جنهن ۾ اهي آفيسر ۽ جج ناهن ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو صدر پير صدرالدين شاهه راشدي، چيف خليفو قادر بخش مڱريو، ماهي خان وساڻ، فقير منٺار مڱريو، رئيس نياز حسين مري، ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي، ڪليم الله وساڻ، گلڻ خان مري، رئيس بابو خان مري، سيد زاهد شاهه، جهانگير مري، حبيب خان مري، مجنون هنڱورو، وارث ٻرڙو ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود هئا. ٻئي طرف شهدادپور ۾ اين اي 217 تي جي ڊي اي جي اميدوار ماھي خان وساڻ جي هائوس تي صحافين. تاجر برادري. وڪيلن۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو.پير سائين پاڳاري چيو تہ پ پ ادارن کي تباهه ڪرڻ بعد زراعت ۽ آبادگارن کي پِيڙهي انهن جو پاڻي بند ڪري فصلن جا اگهه ڪيرائي معاشي قتل ڪيو. هن چيو تہ ڀاشا ڊيم جي تعمير اسان جو پراڻو مطالبو آهي.انهي جي تعمير ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. 25 جولائي پ پ جي احتساب جو ڏينهن هوندو. ان موقعي پير سيد صدر الدين شاهه.اين اي 217 تي جي ڊي اي جي اميدوار ماھي خان وساڻ. پي ايس 45 تي نامزد اميدوار فقير محمد بخش خاصخيلي. فقير ڪليم الله وساڻ. محمد علي وساڻ. محمد عيسي وساڻ. محمود علي وساڻ. فقير حسين بخش خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا-
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟