حيدرآباد/هالا/ ڀٽ شاهه (بيورو+نمائندو وٽان) هالا ويجهو شاديءَ تان موٽندڙ ڄاڃين سان حادثي وارو واقعو، 5 عورتن ۽ هڪ معصوم ٻارڙي سميت 16 ڄڻن جي تدفين سندن آباڻي ڳوٺ ۾ ڪئي وئي، هڪ ئي وقت گهرن مان سمورا لاش نڪرڻ جي ڪري سڄي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائجي وئي، هر اک آلي هئي، ڄاڻايل روڊ حادثي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 16 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا هئا، جن مان 3 ڄڻن جا حالت اڃا به انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي، فوتين ۾ 15 ڄڻا هڪ ئي خاندان سان واسطو رکندڙ آهن. گذريل رات دير سان هالا ۽ ڀٽ شاهه جي وچ ۾ سڪرنڊ مان شادي ڪري واپس موٽندڙ حيدرآباد جي ڳوٺ هاشم زنئور جي رهواسين سان حادثو تڏهن پيش آيو جڏهن ڪوسٽر جو ٽائر پنچر ٿيڻ ڪري ڪوسٽر کي روڊ جي سائيڊ ۾ بيهاري ان جو ٽائر تبديل ڪيو پئي ويو ته ٻين گاڏين کي اور ٽيڪ ڪندي هڪ تيز رفتار ٽرالر ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوسٽر مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي ۽ 16 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 16 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، فوتين ۾ 15 ماڻهو هڪ ئي خاندان جا ٻڌايا وڃن ٿا، جڏهن ته هڪ اڻڄاتل پڻ فوتين ۾ شامل آهي. هالا ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 16 ئي ڄڻن جا لاش ڪالهه حيدرآباد پهچايا ويا، لاشن کي ڪجهه دير لاءِ هالاناڪي ويجهو ايڌي سينٽر تي رکيو ويو، جتان لاشن کي فوتين جي ڳوٺ ڏانهن آندو ويو، ايڌي سينٽر تي ايڌي رضاڪارن پاران سمورا انتظام ڪيا ويا هئا، فوت ٿي ويلن ۾ 5 عورتون ۽ هڪ معصوم ٻارڙي به شامل آهي، جڏهن ته زخمين ۾ ٽن عورتن، 3 معصوم ٻارڙين ۽ هڪ نينگر سميت 20 ڄڻا شامل آهن، جن مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. رات دير سان واقعي جو اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائجي وئي، روڊ حادثي کانپوءِ حيدرآباد آندل لاشن ۽ زخمين جي سار سنڀال لاءِ ضلعي انتظاميا توڙي سول اسپتال حيدرآباد جي انتظاميا پاران ڪنهن به قسم جا انتظام نه ڪيا ويا هئا، هيڏي وڏي واقعي ٿيڻ باوجود اسپتال ۾ ضلعي انتظاميا جو ڪو به ماڻهو نه پهتو، جڏهن ته اسپتال ۾ اسٽاف جي کوٽ سبب زخمي ۽ انهن جا وارث پريشان نظر آيا. فوتين ۾ 55 ورهين جو محمد سليم پٽ محمد بچل زنئور، 50 ورهين جو امتياز پٽ محمد امين، 45 ورهين جو منير پٽ حاجي مدد علي زنئور، 55 ورهين جو امين پٽ حاجي بچل، 45 ورهين جو ايوب پٽ محمد بچل، 55 ورهين جو سهيل پٽ محمد ايوب، 22 ورهين جي شميرا ڌيءُ محمد سليم، 30 ورهين جي شهنيلا ڌيءُ محمد ايوب، 22 ورهين جي شهزادي ڌيءُ مظهر علي، 25 ورهين جو محمد راشد پٽ محمد امين، 16 ورهين جو شهزاد پٽ غلام مرتضيٰ، 14 ورهين جو جنيد پٽ محبت، فرحان، ثمينا، صاحبزادي، اقراءَ ۽ راشد شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 20 ورهين جو آفاق علي، 10 ورهين جو ماجد، 10 ورهين جو شهريار، 10 ورهين جي فضيلا، 40 ورهين جي ثمينا، 12 ورهين جي شميم، 25 ورهين جي صدف، 4 ورهين جي اميرزادي، 45 ورهين جو محمد رمضان ۽ ٻيا شامل آهن، جن مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. روڊ حادثو ٽرالر ڊرائيور جي لاپرواهي جي نتيجي ۾ پيش آيو، ڊرائيور حادثو ڪرڻ بعد ٽرالر ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو، بدنصيب خاندان سڪرنڊ مان شادي ڪرڻ بعد حيدرآباد واپس اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، جڏهن ته گهوٽ ۽ ڪنوار ڪوسٽر کان الڳ ڪار ۾ هجڻ ڪري محفوظ رهيا. فوتين جا لاش جڏهن ايڌي سينٽر کان کڻائي پنهنجي اباڻي ڳوٺ آندا ويا ته ماحول سوڳوار ٿي ويو، هر اک آلي هئي، فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل رهيو، فوتين جي جنازي نماز نيو حيدرآباد سٽي لڳ ڳوٺ هاشم زنئور ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي شخصيتن، فوتين جي مٽن مائٽن ۽ ويجهن عزيزن شرڪت ڪئي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟