ٿاڻوبولاخان (ن هه) ڄامشورو اتحاد جي سرواڻ سيد جلال محمود شاه چيو آهي. ته ٿاڻوبولاخان ۾ ڄامشورو اتحاد جي جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته اڄ ڪوهستان تبديلي ٿي چڪو آهي. ڪوهستان واسي حقيقي تبديلي ووٽ ذريعي آڻين هن اهڙن خيالن جو اظهار ٿاڻو بولاخان عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد جلال محمود شاه وڌيڪ چيو ته هتان ۳۵ سالن کان چونڊيل نمائندن عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي پنهنجو غلام بنائي رکيو آهي. ڪوهستان جي عوام ۾ هاڻ جيڪا مون تبديلي ڏٺي آهي انهي تبديلي جو اظهار ووٽ وسيلي ڪري. هن چيو ته اسان ڪڏهن به مذهبي بنياد تي سياست نه ڪئي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ هندو اسانجي ڀائر آهن هن عوام کي چيو ته اسين اوهان ووٽ لاءُ آهيان پنهنجو ووٽ سمجهي ڏيو. ان موقعي تي پير زمان شاه جيلاني خطاب ڪندي چيو ته جيلاني خاندان جا سائين جي ايم سيد جي خاندان سان پراڻا تعلقات آهن ۱۹۷۰ منهنجي والد صاحب سائين جي ايم سيد جي حمايت ڪئي هئي ۽ پير عظيم شاه ملڪ سڪندر خان جي حمايت ڪئي هئي. هينئر به جيلاني خاندان سائين جي ايم سيد جي پوٽي سان گڏ آهي نديم شاه اڪيلو ملڪ سان گڏ آهي. اهو نديم شاه جو ذاتي فيصلو آهي. انهي سان جيلاني خاندان سان ڪو به تعلق ناهي. جيلاني خاندان سيد جلال محمود شاه ۽ ملڪ چنگيزخان سان گڏ آهي. ڄامشورو اتحاد لاءَ ٿاڻو بولاخان ۾ گهر گهر ورڪ تي ويندس .هن چيو ته ملڪ اسد چوي ٿو ته ۱۹۸۵ کان زمان شاه ۽ جلال شاه کآن کٽيو آهي. ملڪ کٽي به ٿو وري پٽڪو به ڪري ٿو . ان موقعي تي پي ايس ۸۱ جي اميدوار ملڪ چنگيزخان خطاب ڪندي چيو ته سندس سامهون شراب جو واپاري اميدوار آهي. انهي جي عوام جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي ناهي. اهو جيڪڏهن ڪامياب ٿي ويو ته ڳوليو به نه لڀندو وڃي وڌيڪ شراب جا گتا کوليندو جنهن ڪري ڀوتارڪري نظام مان جان ڇڏائڻ لاءُ ۲۵ جولائي تي سيد جلال محمود شاه ۽ کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. جلسي کي مکي چتين داس آرواڻي خطاب ڪندي چيو ته شراب جو واپاري گيانو مل سدائين مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿي پنهجو شراب جو ڪاروبار وڌايو آهي. هن چيو ته گيانومل پهريون دفعو هڪ ٽاسڪ تي جنرل سيٽ تي بيٺو آهي. جيڪو بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي. هن چيو ته گيانو مل نه هندن جو نه وري مسلمانن جو دوست آهي. انهي جي دوستي صرف شراب جي گتن ۽ فيڪٽري سان جيڪڏهن ڪامياب ٿي ويو ته وڌيڪ شراب جا گتا ۽ ڪارخانا کوليندو. جنهن ڪري گيانو مل کي ووٽ ڏيڻ بدران ڪار ۽ تالي تي ٺپو هڻي سيد جلال محمود شاه ۽ ملڪ چنگيزخان کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. هن چيو ته گيانو مل پنهنجي شهر سري ۾ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي. اهو بولاخان کي کنڊارت بنائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته بولاخان ۾ اسانجي پاڙي جي گهٽي جي روڊ جو ڪم ساڙ سبب شيڊول ۾ نه ڏنو پر انهي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پر مون ايئن نه ڪرڻ نه ڏنو گيانو جي ٺيڪيدار ۽ ڊاڪٽر اوڊر مل جي پٽ سان ڳالهيون ڪري ڪم ڪرايو. انهي جو گواه بولاخان جو صحافي سرور خاصخيلي آهي. هن چيو ته ملڪ اسد طرفان پي ايس ۸۱ تي ڊاڪٽر ڀون مل اميدوار هو گيانو مل هڪ سازش تحت ڊاڪٽر ڀون مل خلاف پرچا ڇپائي ۽ ورهائي اها سيٽ حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته جيلاني خاندان اسانجو مرشد آهي پيرزمان شاه اسان گڏ آهي. پير نديم شاه کي اپيل ڪندس ته ڄامشورو اتحاد جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته گيانو کٽي آيو ته ڪوهستان جي ڀلائي لاءُ ڪم ڪرڻ بدران شراب عام ڪندو جلسي کي ايڊوڪيٽ رميش گپتا چيو ته ڪوھستان جي ماڻھن کي پنھنجي شعور جو مظاھرو ڪندي ھن وقت پنھنجي شعور سان ووٽ تالي کي ڏيڻ گھرجي ڪجھه عنصرن اھا ڳالھه ڦھلائي آھي ته ڪو ڄامشورو اتحاد وارا مذھب جي بنياد تي ڪو ووٽ وٺن پيا يا ان قسم جون ڳالھيون ڪن پيا آئون دعوا سان چوان ٿو ت چنگيز خان سڪندر شورو يا سائين جلال شاھ وارا ھميشه اھڙي قسم جي سياست کان پري رھيا آھن اھڙيون ڳالھيون ڦھلائيندڙ اليڪشن ھارائيندا اسان ملڪ خاندان سان رات جون راتيون سفر ڪيون آھن ان قسم جو تصور ب نٿو ڪري سگھجي. جلسي کي وڏيري عمران خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ٿاڻو بولاخان جو عوام سدائين جيلاني خاندان سان گڏ رهيو آهي هن اليڪشن ٿاڻو بولاخان جو عوام جيلاني خاندان جي جي هدايت تي سيد جلال شاه ۽ ملڪ چنگيزخان کي ووٽ ڏئي شراب جي واپاري گولومل کي ڪوهستان مان ڊوڙائي ڇڏيندو. جلسي کي ايس يو پي اڳوڻ امير علي ٿيٻو ميمڻ برداري ج اڳواڻ عبداعزيز ميمڻ پڻ خطاب ڪيو سردار صالح محمد برهماڻي چيو ته هتان جو عوام ظالم جي خلاف گڏ ٿيو آھي توهان کي جس هجي اسان توهان سان گڏ آھيون انشاء الله سرداري نظام کي 25 جولاءِ تي تالو هڻي هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏينداسين ۔ ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي چيتن مل آرواڻي ۔ ايڊووڪيٽ رميش گپتا ۔ شيخ عبداللہ ڪوهستاني ۔ سردار صالح محمد برهماڻي ۔ امير علي ٿيٻو ۔ پير مرتضيٰ شاھ جيلاني ۔ سجاد ميمڻ ۔ موندر خان باريجو ۔ جميل احمد باريجو ۔ علاوالدين شھڻو ۔ شمس الدين باريجو ۔ ڊاڪٽر گل حسن باريجو ۔ عالم چند تارواڻي ۔ خطاب ڪيو ۔ جڏھن تہ ان موقعي تي ضلع ڪائونسل ڄام شورو جي ميمبرملڪ اسد سڪندر جي ويجهي ساٿي ڪانڀو خان برهماڻي ملڪ اسد گروپ ڇڏي ۔ ڄام شورو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۔ جڏھن عبدالعزيز ميمڻ جمناڻي ۔ امير بخش ڇورو برادري سميت ڄام شورو اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟