عام چونڊن ۾ ڪرپٽ ٽولي کي انجام تي پهچائينداسين، عوام سجاڳ ٿي سنڌ کي کنڊر بڻائيندڙن جو احتساب ڪري: جي ڊي اي

نوابشاهه(ڊر)نوابشاهه ۾ جي ڊي اي جو تاريخي جلسو، سنڌ کي زرداري ليگ جي ظلمن کان نجات ڏيارڻ جو وچن 25 جولائي تي تاري تي ٺپو هڻي سنڌ جي تقدير تبديل ڪرڻ جو اعلان خبر موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس طرفان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ نوابشاهه قاضي احمد لنڪ روڊ تي رينجرز پمپ وٽ جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي سانگهڙ، نوشهرو فيروز، خيرپور، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد جي پير پاڳاري جي مريد ۽ اتحاد ۾ شامل هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سربراه پير صبغت الله شاهه راشدي چيو ته آصف علي زرداري شهيد ڀٽي ۽ شهيد راڻي جي نالي تي اقتدار ماڻيو ۽ ناڻو به ڪمايو پر 2018 جي عام چونڊن ۾ ڀٽي خاندان مان هڪ به ٽڪيٽ نه آهي حاڪم علي زرداري جو خاندان اليڪشن وڙهي رهيو آهي هن چيو ته زرداري سنڌ ۾ 13 شوگر ملن جو مالڪ آهي ۽ جڏهن ڪمند جي سيزن شروع ٿي ته سڀني شوگر ملن وارن کي انور مجيد جي بنگلي تي گهرائي پيغام ڏنو ويو ته رئيس وڏي جا حڪم آهي ته ڪمند جو اگهه 100 روپين کان مٿي ناهي ڏيڻو پوءِ توهان ڏٺو ته سنڌ جي آبادگارن سان زرداري ۽ انور مجيد ڪهڙو حشر ڪيو ۽ آباد گارن پنهنجي پوکيل ڪمند جي فصل کي باهيون ڏنيون جنهن جي ڪري سنڌ جا آبادگار ۽ هاري معاشي طور تي ڪمزرو ٿيا ان کان پوءِ وري جڏهن ڪڻڪ جو فصل لٿو ته خوراڪ کاتي جي عملدارن کي پابند ڪيو ويو ته بارداڻو پ پ جي جيالن کي ڏيڻو آهي پوءِ توهان ڏٺو ته آباد گار ويچارن پنهنجي ڪڻڪ ڀڳڙن جي مٺ تي واپارين کي ڏني هن چيو ته  اسان بادشاهه ۽ مهمند ڊيم جي حمايت ڪيون ٿا ۽ چيف جسٽس جي ان ڊيمن جي ٺهڻ واري اعلان جي پڻ آجيان ڪيون هن چيو ته جنهن ڊيم کي سنڌ جا  ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن ان کي صوبن جي مرضي خلاف نه ٺاهڻ گهرجي هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي زهريلو پاڻي پياريو پيو وڃي هن چيو ته ايندڙ وقت جي ڊي اي جو آهي ان جي ڪري سنڌ جو عوام هاڻ سجاڳ ٿئي سنڌ کي کنڊر بنائڻ جو احستاب ڪن ۽ 25 جولائي تي جي ڊي اي ڪامياب ٿي سنڌ ۾ڪرپشن ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پڄائينداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد زين شاهه چيو ته 25 جولائي تي سنڌ ڌاڙيلن کان ووٽ ذريعي آزاد ڪرائبي هن چيو ته زرداري سنڌ جي زراعت کي اومني گروپ معرفت تباهه ڪيو ۽ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام هن کان حساب ڪتاب وٺي پيپلزورڪرز جي اڳواڻ ناهيد خان چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جمهوريت ۽ عوام خاطر ڪوڙا ۽ جيل کائي جمهوريت کي بچايو پر زرداري ليگ هن پارٽي کي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو ان ڪري مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالن کي اپيل ٿي ڪيان ته ان پارٽي کي خدا حافظ چون، صفدر عباسي چيو ته آصف زرداري ڪرپشن جو بادشاهه آهي ۽ ان سان گڏ جيڪي به آهن اهي ڪرپشن ۾ جا حصيدار آهن اڄوڪو تير شهيد بينظير ڀٽو جو نه پر آصف علي زرداري جو آهي عوام ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۽ ادارن کي تباهه ڪري ٻاهرن ملڪن ۾ پنهنجون ملڪيتون ۽ دولت گڏ ڪئي آهي ان جي ڪري عوام هاڻ هنن ڦورن جو احتساب ڪري، قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو چيو ته جڏهن اسان جي ڊي اي ٺاهي رهيا هئاسين ته اسان تي زرداري ٽولو ٺٺولون ڪري رهيو هو ته پاڳارو آسائش پسند ماڻهو آهي ۽ هو پ پ جي آڏو بيهي نه سگهندو پر جڏهن اسان تپندڙ ڏينهن ۾ عمر ڪوٽ ۽ نوشهرو فيروز ۾ تاريخي جلسا ڪيا ته زرداري ۽ پ پ جي اڳواڻن جون ننڍون حرام ٿي ويون هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر گذريل ڏهن سالن کان هڪ زرداري مصلحت سبب سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي زرداري سنڌ جي آباد گار، مزدور، هاري، غريب، نوجوانن کي لٽيو آهي انهي جي ڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته زرداري کي سنڌ جي ڪيل تباهي جو حساب گڏجي وٺون هن نيب ۽ ايف آئي اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪهڙي مصلحت سبب ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي، نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته زرداري سنڌ مان ڪرپشن ڪري سنڌ کي 50 سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں