دهشتگرد چونڊن کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا، پارليامينٽ ۾ خلائي مخلوق جي مداخلت نه هجڻ گهرجي: بلاول زرداري

مالاڪنڊ(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ۽ ٻين پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو پيو وڃي، سڀني کي برابري جو موقعو ملڻ گهرجي. مالاڪنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد خوف جي فضا سان چونڊن کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عام چونڊن ۾ اسان کي سازگار ماحول نه ملي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته وقت تي۽ صاف شفاف چونڊون اسان جو حق آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ کي ڀت سان نه ٿو لڳائي سگهجي، تڪراري پارليامينٽ ٺهي ته عوامي مسئلا حل نه ٿي سگهندا. هن چيو ته گهر گهر پاڻي ۽ گئس جي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻو پوندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ ئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پ پ انشاءَ الله وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي، آءِ جي آءِ جهڙي يا ڪمزور حڪومت ملڪي مسئلن کي حل نه ٿي ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ئي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو هنڌ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي واقعن تي ضابطي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻي جي ضرورت آهي. هن چيو ته مختلف هنڌن تي انتظاميه پ پ کي تنگ ڪري رهي آهي، ڏکيائين باوجود اسان جا اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا. بلاول چيو ته پ پ وقت تي چونڊون چاهي ٿي، پارليامينٽ ۾ خلائي مخلوق جي مداخلت نه هجڻ گهرجي دهشتگرد خوف جي فضا سان چونڊن کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا جمهوريت آمريت سان بهتر آهي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ ملڪي مفاد ۾ ناهي دهشتگرد چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ جمهوريت نه هجي عدليه جو ڪم ڊيم ٺاهڻ نه پر انصاف ڏيڻ آهي سياسي ڪارڪنن کي گڏهه ۽ زنده لاش چوڻ عوم کي نشانو بڻائڻ جي برابر آهي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں