مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ 148 ٿي ويو، سڄي ملڪ ۾ سوڳ، قومي جهنڊو جهڪيل رهيو

0Shares

اسلام آباد / ڪوئيٽا  (بيورو + م ڊ)  مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ 148 ٿي ويو، سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ، قومي جهنڊو جهڪيل رهيو. خبر موجب مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ 148 ٿي ويو آهي. ڊي سي مستونگ  تصديق ڪندي  چيو ته مستونگ سانحي ۾ 148 ماڻهو شهيد ۽ 186 زخمي ٿي پيا آهن ٻئي طرف مستونگ سانحي تي سڄي ملڪ ۾ يوم سوڳ ملهايو ويو. بلوچستان ۾ سرڪاري ادارا  بند رهيا، سراج رئيساڻي جي شهادت تي نگران وزيراعظم ناصر الملڪ  ڪوئيٽا پهچي اسلم رئيساڻي ۽ لشڪري  رئيساڻي سان تعزيت ڪئي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ ۽ ٻين سرڪاري ادارن تي قومي جهنڊو جهڪيل رهيو. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ  ڪوئيٽا جي اسپتال پهچي زخمين جي عيادت پڻ ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں