چونڊن کي شڪي بڻايو ويو ته سنگين نتيجا نڪرندا، مسئلن جو حل شفاف چونڊن ۾ آهي: شهبازشريف

ڪوئيٽا (بيورو)  پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اليڪشن جي عمل کي تڪراري بڻايو ويو ته ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو. شهباز شريف مستونگ سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت لاءِ ڪوئيٽا پهتو جت هن نواب اسلم رئيساڻي ۽ نوابزادا لشڪري رئيساڻي سان سندن ننڍي ڀاءُ سراج رئيساڻي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائئيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته مستونگ واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي جنهن تي پورو پاڪستان سوڳوار آهي. هن جو چوڻ هو ته مستونگ واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته منهنجو ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد رئيساڻي خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ نوابزادا لشڪري رئيساڻي جي سچائي ڪميشن قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪريان ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان کي اهڙي موقعي تي جڏهن هر اک آلي آهي ته غير سنجيدا ڳالهه ۽ سياست نه ڪرڻ گهرجي پر هن کي پنهنجي اندر ڏسڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڪ سياسي پارٽي کي سياسي سرگرمين جي اجازت آهي ۽ باقي سڀ پارٽين کي مشڪل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهباز شريف جو چوڻ هوت ه ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل صاف ۽ شفاف چونڊن ۾ آهي جڏهن ته اليڪشن جي عمل کي تڪراري بڻايو ويو ته ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. ان کانپوءِ هو مستونگ سانحي جي زخمين جي عيادت لاءِ سي ايم ايڇ ڪوئيٽا پهتو جتي هن زخمين جي عيادت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں