مٺي(رپورٽر) مٺي ويجهو ڳوٺ هوٿيئر ۾ ارباب گروپ جي ڊي اي ۾ شموليت ڪندڙ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن تي پ پ پ اميدوار ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي حامي يوسي چيئرمن جي پڇ تي جيالن جو حملو، مارڪٽ ،ارباب غلام رحيم جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ، پ پ پ جيالن پاران بينر ٽوڙڻ جو الزام، ايس ايس پي ٿر معاملي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ موجب، مٺي ويجهو ڳوٺ هوٿيئر ۾ پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي ڊي اي (ارباب گروپ) جو جلسو رکرائي شموليت ڪندڙ ميگهواڙ برادري جي اڳواڻن اشوڪ، نندلال ۽ ٻين جلسو ختم ڪرائي مهمانن لاءِ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ماني کڻڻ وڃي رهيا هئا ته اوچتو رستي ۾ پ پ پ اين اي 222 جي اميدوار ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي حامي يوسي مالڻهور ويڻا جي چيئرمن سوائي سنگهه ڀٽي جي بڇ تي پٽ صورت سنگهه ۽ ٻين جيالن انهن مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ شديد مارڪٽ جو نشانو بڻايو ويو جنهن بعد اطلاع تي مٺي پوليس پهتي پر پوليس سان به بدتميزي ڪئي ويئي جنهن بعد ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس چيئرمن سوائي ڀٽي ۽ پٽ صورتسنگهه کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم جلسي کي خطاب ڪري وڃي رهيو هو ته جيالن کين رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪري جئي ڀٽو جا نعرا هنيا، رابطي ڪرڻ تي جي ڊي اي ۾ شموليت ڪندڙ نندلال ۽ اشوڪ ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته اسان پرامن جلسو ڪرايو پر جڏهن جلسو ختم ٿيو ته اسان آيل مهمانن لاءِ ماني کڻڻ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئاسين ته چيئرمن سوائي ۽ پٽ سميت جيالن حملو ڪري شديد زخمي ڪيو آهي اسان انهن جي ڪنهن به قسم جي حرڪت نه ڪئي آهي پر بلاجواز اسان تي حملو ڪري زيادتي ڪئي ويئي آهي، هنن چيو اسان جا ڪارڪن ۽ حامي جيڪي جلسي تي آيل هئا انهن جي پڻ رستا روڪ ڪري موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون آهن ۽ گٿا لفظ ڳالهايا ويا آهن، هوڏانهن الزام هيٺ آيل يوسي چيئرمن سوائي سنگهه ڀٽي چيو ته ڄاڻايل جي ڊي اي حامين اسان جا لڳل بينر ۽ جهنڊا ٽوڙيا آهن ۽ اسان انهن کي روڪڻ جو چيو آهي ته الزام هنيو ويو آهي، ٻئي طرف ارباب غلام رحيم جي شڪايت تي ايس ايس پي ٿر عمران قريشي واقعي هنڌ جو جائزو وٺي ڳوٺاڻن کان ٿيل معاملي بعد بيان قلمبند ڪيا ۽ بعد ۾ ٿاڻي تي پهڇي حراست ۾ ورتل يوسي چيئرمن سوائي سنگهه کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف مٺي جي ڳوٺ ھوٿيئر ۾ جي ڊي اي جي جلسي بعد تشدد ۽ موتمار دمڪين واري معاملي جا پ پ ڪارڪنن مٿان 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. مٺي ٿاڻي تي ٻن ڳوٺاڻن گهنشام ميگهواڙ ۽ جاويد بجير جي فرياد تي پ پ جي ڪارڪنن بااثر يوسي چيئرمن سوائي سنگهھ ٺڪر جي پٽ صورت سنگهه.ويرجي سنگهه. وينجهراج ٺڪر. ڪنور ميگهواڙ سميت 20 کان به وڌيڪ جوابدارن مٿان حملي. تشدد. رستا روڪ ۽ هنگامون ڪرڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. جڏھن هڪ جواندار صورت سنگه گرفتار ٿيل آھي. ۽ باقي جوابدار اڃان گرفتار ٿي نه سگهيا آھن
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟