ڪوهستان جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، حڪمرانن هتان جي عوام تي بادشاهي ڪئي آهي: جلال محمود شاهه

0Shares

ٿاڻو بولاخان (ن خ) آل پاڪستان باريجو اتحاد ڄامشورو اتحاد جي حمايت ڪري ڇڏي ڪوهستان جي جي علائقي ۾ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن کي آجياڻو سوين ماڻهن جي شرڪت ڀوتارڪي نظام خلاف نعري بازي. رپورٽ موجب آل پاڪستان باريجا اتحاد پاران ڪوهستان جي علائقي ريڪ ۾ ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن سيد جلال محمود شاه. ملڪ چنگيزخان.۽ اڳواڻ وڏيري صالح محمد برهماڻي ۽ ٻين کي آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي واري جلسي ۾ ڪوهستان جي مختلف علائقن مان سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه خطاب ڪندي چيو ته ڪوهستان جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿو. هتان جي عوام تي چونڊيل سردار عوام کي روڊ رستا. بجلي. صحت. تعليم. پاڻي سميت سمورين سهولتن کان محروم رکي هتان جي عوام تي بادشاهي ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ هتي سوين ماڻهن جي شرڪت ثابت ڪري ٿي ته ڪوهستان جي عوام مان سردار جو خوف ختم ٿي ويو آهي. ڪوهستان جو عوام ۲۵ جولائي تي خوف ختم ڪري ڪار ۽ تالي تي ٺپو هڻي ڪوهستان مان هميشه لاءَ ڀوتارڪي نظام جو خاتمو آڻين. ان موقعي تي پي ايس ۸۱ جي اميدوار ملڪ چنگيزخان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اسد جي ڏاڍ جو دور ختم ٿي چڪو ٿي چڪو عوام جي ساٿ سان ڀوتار کي ڪوهستان مان ڊوڙائي ڇڏيو ۽ ڪوٽڙي جي عوام جي ساٿ سان ملڪ اسد کي ڪوٽڙي مان ڊوڙائي ڇڏينداسين. هن چيو ته ملڪ اسد سدائين پوليس ذريعي غريب ماڻهن تي ڏاڍ ڪري بادشاهت ڪئي هئي. هن چيو ته ملڪ اسد باريجا برداري کي جهڪائڻ لاءِ  جميل باريجو سميت ٻين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا  ۽ گهرن مان چوريون ڪرايون هنن سمورين زيادتين جي پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ۲۵ جولائي تي ڪوهستان جي عوام ڪار ۽ تالي تي ٺپو هڻي سرداري نظام کي هميشه لاءَ دفن ڪري ڇڏين. هن چيو ته سندس سامهون بيٺل اميدوار جي ڪوستان جي مسلئن سان ڪا به دلچسپي ناهي. اهو گذريل ۱۰ سالن کان اقتدار ۾ آهي وٽس ۵ وزارتون هيون  ان باجود ڪوهستان جي ماڻهن کي نوڪريون نه ڏنيون نه ئي ترقياتي ڪم ڪرايا ان دوران انهي صرف پنهنجو شراب جو ڪاروبار وڌايو. ان موقعي تي صالح محمد برهماڻي خطاب ڪندي چيو ته ڪوهستان مان جلد ڀوتارڪو راڄ ختم تيڻ وارو آهي. ڪوهستان جو عوام سيد جلال شاه ۽ ملڪ چنگيزخان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري. ان موقعي تي آل پاڪستان باريجا اتحاد جي سربراه جميل احمد باريجو خطاب ڪندي چيو ته اسان هي اتحاد باريجا برداري جي ماڻهن مٿان ٿيندڙ ظلم ختم ڪرائڻ لاءُ جوڙيو هو اڄ ڪوهستان ۾ باريجا برداري جي هزارين ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ڀوتارڪي نظام جي شڪست آهي. جميل احمد باريجو ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. جلسي کي موندرخان باريجو. اميرعلي ٿيٻو. مکي عالم چند ويڌاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں