بهترين ۽ مشڪل ڊانس تي موٽ ناهي ملندي: ساره لورين

0Shares

لاهور(شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل سارا لورين چيو آهي ته پاپ موسيقي ۽ رقص جي جديد انداز ۾ اڄ ڪلهه  اولهه ئي نه پر اوڀر وارن ملڪ ۾ رهندڙ نوجوان نسل جي پهرين پسند بڻجي چڪي آهي، پر جيڪڏهن منفرد ۽ مشڪل ڊانس  فلمن ۾ ڏيکاري وڃي ته مداحن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي سگهي ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سارا لورين چيو اسان جي پاڙيسڙي ملڪ ڀارت ۾ ٺهندڙ فلمن ۾ موسيقي ۽ رقص تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي جنهن سبب فلمن ڪروڙن ۾ نه پر اربين رپين ۾ ڪمائي ڪندي آهي. اهو ئي نه ڀارت ۾ هاڻي رقص جي شعبي کي ايتري اهميت ڏني پئي وڃي جو هاڻ اتي رقص موضوع بڻائي فلمون ٺاهيون پيون وڃن. ان کان سواءِ ڀارتي ٽي وي چينل تي رقص ۽ موسيقي سان لاڳاپيل نوجوانن کي بهترين موقعا مُهيا ڪرڻ لاءِ اهڙا شو پيش ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ شامل ٿي باصلاحيت نوجوان فنڪارن ڏسندي ئي ڏسندي سپر اسٽار بڻجي ويندا آهن. اداڪارا چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اسان وٽ اهڙا پروگرام نه هئڻ جي برابر آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ پاسي ته پرائيويٽ چينل نوجوانن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ خاص پروگرام شروع ڪن ۽ ٻئي پاسي اسان وٽ ٺهندڙ جديد ٽيڪنالوجي وارين فلمن ۾ موسيقي ۽ رقص جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.ان سلسلي ۾ پرڏيهي ملڪن کان ڪوريو گرافرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ته بهتر نتيجا سامهون ايندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں