سنجي دت جي ڌيءَ پاران بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي ڌيءَ تريشالا دت چيو آهي ته سندس بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ناهي. بالي ووڊ ۾ بابا جي نالي سان مشهور سنجي دت جي پهرئين ڌيءَ تريشالا دت سوشل ميڊيا تي ڪافي متحرڪ رهندي آهي ۽ هوءَ سماجي رابطن واري ويب سائيٽس تي پنهنجي والد جون تصويرون شيئر ڪري سندس حوصلا افزائي ڪندي رهندي آهي پر سنجو جي ناقابل يقين ڪاميابي جي باوجود تريشالا طرفان فلم يا پنهنجي والد بابت ڪنهن قسم جو ردعمل نه آيو جڏهن ته هاڻ سوشل ميڊيا تي پنهنجي والد سنجي دت بابت مداحن طرفان ڪيل  سوالن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ انسٽاگرام تي Ask me any question جي حوالي سان هڪ فيچر متعارف ڪرايو ويو جنهن تي هڪ مداح تريشالا کان سوال ڪيو ته اوهان جا پنهنجي والد سان لاڳاپا ڪيئن آهن ۽ والدين بنا رهڻ ڪيئن لڳندو آهي جنهن جو هن جواب ڏيندي چيو ته منهنجي والد سنجي دست سان اهڙا ئي لاڳاپا آهن جيئن هڪ ڌيءَ جا پنهنجي والد سان هوندا آهن ۽ مون کي والدين سان گڏ رهڻ جو ڪوبه احساس ناهي ڇو ته مان ڪڏهن انهن سان گڏ نه رهيس مان ننڍپڻ کان ئي پنهنجي ناني ۽ ناني سان گڏ رهي آهيان. هڪ ٻئي مداح سوال پڇيو ته جيڪڏهن بالي ووڊ مان اوهان کي هڪ سٺي فلم جي آفر اچي ته اوهان جو ڇا جواب هوندو؟ تريشالا چيو ته مهرباني منهنجو بالي ووڊ انڊسٽري ۾ وڃڻ جو ڪوبه ارادو ناهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں