جلد انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري وٺنداسين: مهوش حيات

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل مشهور حيات چيو آهي ته نوجوان فلم ميڪر ۽ فنڪار گڏجي هڪ اهڙي ٽريڪ تي اڳتي وڌي رهيا آهن جنهن جي ذريعي تمام جلد اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري وٺنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي مهوش حيات چيو ته فنون لطيفا ۾ فلم هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو ماڻهن جي سڀ کان ويجهو آهي. پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور فنڪارن جي چاهيندڙڻ جو وڏو تعداد اڄ به موجود آهي، جيڪو ان جي ڪم کي پسند ڪندو هو پر انهن جي متعارف ڪرايل ڪپڙن، هيئر اسٽائل، جيولري، جوتا  ۽ ٻين کي اڄ به ساراهيندا آهن. اها هڪ فلم اسٽار جي سڀ کان وڏي خوبي ۽ ڪاميابي مڃي ويندي آهي. مهوش حيات چيو ته اڄ جو دور جديد ٽيڪنالاجي آهي ۽ هاڻ جهڙي طرح سان فيشن جي دنيا ۾ حيرت انگيز تبديلي اچي چڪي آهي اهڙي طرح فلمسازي جي ڪم ۽ ان شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي سوچ به تبديل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته هاڻ ڪارپوريٽ سيڪٽر فلمسازي جي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي ڪري جتي نوجوان فلم ميڪر منفرد موضوعن تي فلمون ٺاهي رهيا آهن، اتي ئي ڪمرشل ازم کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي پراڪٽس جي مشهوري به وڏي خوبي سان ٿي رهي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں