سونم ڪپور پنهنجي پاڪستاني مداحن جون دليون کٽي ورتيون

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته پاڪستانين سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهيان ۽ پاڪستان وڃڻ لاءِ بيچين آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي انسٽاگرام جي نئين فيچر کي استعمال ڪندي سونم ڪپور پنهنجي مداحن طرفان پڇيل سوالن جا ڪافي دلچسپ جواب ڏنا. هڪ مداح طرفان سونم کان سوال پڇيو ويو اوهان مسلمانن سان محبت ڪنديون آهيون جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مان سمورن عقيدن جي ماڻهن سان پيار ڪندي آهيان ۽ منهنجو مذهب به مون کي اهو ئي سيکاري ٿو. هڪ ٻئي پرستار سونم کان ان جي پاڪستاني مداحن جي حوالي سان سوال پڇيو ته ڇا اوهان پاڪستاني فالوورز سان محبت ڪنديون آهيون جنهن تي سونم چيو ته پاڪستان سان محبت ڪندي آهيان ۽ پاڪستان وڃڻ لاءِ بيچين آهيان.

اپنا تبصرہ بھیجیں