فرانس ڪروشيا کي فائنل ۾ شڪست ڏئي فٽبال ورلڊ ڪپ جو چئمپين بڻجي ويو

0Shares

ماسڪو (اسپورٽس نيوز) فرانس جي ٽيم پهريون ڀيرو فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچندڙ ڪروشيا کي 2-4 تان شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي چيمپيئن جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو آهي. روس جي تخت گاهه ماسڪو جي لزنيڪي اسٽيڊيم ۾ ڪروشيا ۽ فرانس جون ٽيمو آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ فرانس جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ ٻن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان ڪاميابي ماڻي ڪروشيا جو عالمي چيمپيئن بڻجڻ وارو خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. 80 هزار تماشائين جي موجودگيءَ ۾ ڪروشيا جي ٽيم ميچ جي شروعات جارحاڻي انداز ۾ ڪئي ۽ اڳوڻي عالمي چيمپيئن فرانس کي دٻاءَ ۾ رکيو پر 18هين منٽ ۾ ڪروشين ٽيم هڪ فائول ڪيو، جنهن تي فرانس کي ڊي کان ٻاهر فري ڪڪ ملي، جنهن تي گريز مين طرفان هنيل فري ڪڪ تي بال ماريو مينڊزيوڪچ جي مٿي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ڄار ۾ وڃي پهتو ۽ فرانس جو کاتو کلي ويو، جنهن جو ازالو ڪرڻ ۾ ڪروشين ٽيم کي دير نه لڳي ۽ 28هين منٽ ۾ ايوان پيريسڪ گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو پر ڪروشيا کي وڏو ڌڪ ان وقت لڳو، جڏهن ڪجهه دير کانپوءِ گول پوسٽ ڀرسان بال سندن رانديگر جي هٿ ۾ لڳو ۽ ريفري ويڊيو ٽيڪنالاجي جي مدد سان فرانس کي پينلٽي ايوارڊ ڪئي، جنهن تي گريز مين گول ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪئي. پهرين هاف جي پڄاڻي تي فرانس کي ڪروشيا خلاف 1-2 جي سرسي حاصل رهي. ٻئي هاف دوران ميچ جي 59هين منٽ ۾ ڪروشيا پنهنجي بچاءَ ۾ ڪمزوري جو مظاهرو ڪيو ۽ پال پوگبا موقعي جو فائدو وٺندي وڌيڪ هڪ گول ڪري ڇڏيو، جنهن سان گڏوگڏ فرانس جي ميچ ۾ سرسي ٻيڻي ٿي وئي. ان جي 6 منٽن کانپوءِ ڪروشيا جون عالمي ڪپ کٽڻ واريون اميدون ان وقت دم ٽوڙي ويون، جڏهن ڪائليان ايمباپي فرانس طرفان چوٿون گول ڪري ڇڏيو. ميچ جي دلچسپي اتي ختم نه ٿي ۽ 4 منٽن کانپوءِ فرانس جي ڪپتان ۽ گول ڪيپر لورس جي غلطيءَ جو ڪروشين رانديگر فائدو وٺندي ٻيو گول ڪري ميچ ۾ واپسيءَ جي ڪوشش ڪئي. ڪروشين ٽيم ٻيو گول ڪري خسارو ته گهٽ ڪيو پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي ۽ فرانس جي مضبوط ٽيم ڪروشيا جي رانديگرن کي وڌيڪ ڪو گول ڪرڻ نه ڏنو. جڏهن ريفري ميچ جي خاتمي جو اعلان ڪيو ته 2-4 جو اسڪور فرانس جي فتح سان گڏوگڏ فٽبال جي نئين عالمي چيمپيئن جو اعلان ڪري رهيو هو. فرانس جي 1998ع ۾ پهريون ڀيرو فٽبال ورلڊ ڪپ کٽيو هو، جڏهن ته ڪروشيا جي ٽيم نئين تاريخ لکڻ ۾ ناڪام رهي. ٻئي طرف  فٽبال ورلڊ ڪپ 2018ع جي رنگين اختتامي تقريب ۾ ناليوارن ستارن شاندار پرفارمنس پيش ڪئي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي مشعل ايندڙ عالمي ڪپ جي ميزبان ملڪ قطر حوالي ڪئي وئي. روس جي 12 اسٽيڊيمز ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري فٽبال جو عالمي ميلو اڄ پنهنجي پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. ماسڪو جي لزنيڪي اسٽيڊيم ۾ تقريب کان اڳ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايندڙ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندڙ ملڪ قطر جي امير شيخ تميم بن حماد سان خاص ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي ڪپ جي مشعل ڏني، ان کانپوءِ پيوٽن ورلڊ ڪپ جو بال فيفا صدر گياني انتنٽينو کي ڏنو، جنهن اهو بال قطر جي امير حوالي ڪيو.لزنيڪي اسٽيڊيم ۾ ٿيل اختتامي تقريب ۾ آمريڪي اداڪار ۽ ڳائڻي ول سمٿ ورلڊ ڪپ جو آفيشل گيت ”لو اٽ اپ“ ڳائي شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، ان کان پوءِ ميدان ۾ وڏي اسڪرين آندي وئي، جنهن ۾ فائنل کيڏندڙ ٽيمن فرانس ۽ ڪروشيا جا جهنڊا توڙي رانديگرن جون تصويرون ڏيکاريون ويون. ان موقعي تي سمٿ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڳائڻو نڪي جيم، پويرٽو ريڪان ۽ ايرا اسٽريفي اسٽيج تي پهتا ۽ پنهنجي پرفارمنس ڏني. 80هزار تماشائين سان ڀريل اسٽيڊيم ۾ پڄاڻي واري تقريب دوران روس جي اوپيرا سنگر ايدا گري فلينا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عظيم برازيلين فٽبالر رونالڊينهو به مهمان جي حيثيت سان ميدان ۾ آيو ۽ آفريڪي انداز ۾ دهل وڄائي رقص به ڪيو. ان پرفارمنس سان ئي پڄاڻي واري تقريب ختم ٿي، جنهن کانپوءِ فرانس ۽ ڪروشيا جي ٽيمن کي ميدان تي لاٿو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں