تامل ناڊو پريميئر ليگ: ٽوٽي پيٽرياٽس جي ڪانچي ويرانس ۽ لائيڪا ڪنگز جي ڪارا ڪڍي ڪالائي کي شڪست

0Shares

ٽرنلويلي (اسپوررٽس نيوز): تامل ناڊو پريميئر ليگ جي ڪالهه کيڏيل پهرين ميچ ۾ ٽوٽي پيٽرياٽس جيي ڪانچي ويرانس ۽ لائيڪا ڪووائي ڪنگز جي ڪاراڪڍي ڪالائي کي شڪست ٽوٽي پيٽرياٽس ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪندي مقرر اوورن ۾ 3 وڪييٽن جي نقصان تي 191 رنسن جو پهاڙ ٺاهي ورتو. ڪپتان ڪوشاڪ گاندي 111 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي جواب ۾ ويرانس مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي فقط 143 رنسون ٺاهي سگهي. وشال ۽ سنامنيا 33-33 رنسون ٺاهيون. ڊيوڊسن، رنگرجن ۽ آڪاش سمرا 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو ٻي ميچ ۾ سپر اوور ۾ لائيڪا ڪووائي ڪنگز جي ڪاراڪڍي ڪالائي کي شڪست لائيڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهي سگهي. ڪپتان مکنڊ 59 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. مڪيش ۽ سوامينٿن 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ ڪاراڪڍي ڪالائي به 7 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهي ميچ ٽائي ڪرائي فيصلو سپر اوور تي ڏٺو ويو. جنهن ۾ لائيڪا پهريين بيٽنگ ڪندي 14 رنسون ٺاهيون جواب ۾ ڪاراڪڍي اوور ۾ 9 رنسون ٺاهي سگهيي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں