ٽيسٽ رينڪنگ: ويسٽ انڊيز جي هڪ درجو ترقي، ڪرونارتني 10 نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي پاران نئين ٽيسٽ ڪرڪيٽ رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي. بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ فتح سبب ويسٽ انڊيز هڪ درجو ترقي ڪندي اٺين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته سريلنڪا خلاف خراب ڪارڪردگي سبب ڏکڻ آفريقا بيٽسمينن کي رينڪنگ ۾ پوئتي ٿيڻو پيو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ۽ ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ تازي ٽيم ۽ پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. ٽيمن ۾ ڀارت سرفهرست آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ٻئي، آسٽريليا ٽئين، نيوزيلينڊ چوٿين، انگلينڊ پنجين، سريلنڪا ڇهين ۽ پاڪستان ستين نمبر تي برقرار آهي. بنگلاديش خلاف سيريز ۾ فتح سبب ويسٽ انڊيز 2014 کانپووءِ پهريون ڀيرو پنهنجي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ عالمي درجا بندي ۾ هڪ درجو ترقي ڪندي بنگلاديش کي اٺين پوزيشن کان محروم ڪري ڇڏيو. بيٽسمينن جي شروعاتي پنج نمبر رينڪنگ ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي ۽ پابندي جو شڪار اڳوڻو آسٽريلين ڪپتان اسٽيون سمٿ پهرين نمبر تي ئي موجود آهي. ٻين چئن بيٽسمينن ۾ ويرات ڪوهلي ٻئي، انگلينڊ جو ڪپتان جو روٽ ٽئين، نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن چوٿين ۽ پابندي جو شڪار ۽ هڪ ٻيو بيٽسمين ڊيوڊ وارنر پنجين نمبر تي موجود آهي. ڪرونا رتني 21 درجا جمپ ڪندي ڪيريئر جي بهترين 10 پوزيشن تي پهچي ويو، ڪريگ بريٿويٽ 3 درجا ترقي ڪندي 13 هين نمبر تي، شڪيب الحسن 2 درجا ترقي ڪندي 22 هين نمبر تي اچي ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں