ورلڊ فلائي فيٽ: باڪسر محمد وسيم کي ڏکڻ آفريڪي باڪسر هٿان شڪست

ڪوالامپور(اسپورٽس نيوز)  باڪسر محمد وسيم ملائيشيا ۾ ورلڊ فلائي فيٽ ٽائيٽل جو مقابلو ٿوري فرق سان هارائي ويو. ڏکڻ آفريڪا جي موروتي مٿالين کي فاتح قرار ڏنو ويو. ڪوالامپور ۾ ٿيندڙ ورلڊ فلائي ويٽ باڪسنگ ٽائيٽل جي شروعاتي مقابلي ۾ موروتي مٿالين پنهنجي مخالف پاڪستاني باڪسر محمد وسيم مٿان حاوي رهيو. ڇهين رائونڊ ۾ وسيم جي پنچن اڳيان ڏکڻ آفريڪي باڪسر بيوس نظر آيو. پر موروتي مٿالين اڳئين رائونڊ ۾ وسيم جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ فائٽ ۾ گڏيل فيصلي جي تحت ڪاميابي ماڻي. ٽنهي ججن 114، 113، 114، 113 ۽ 116 جي مقابلي ۾ 110 جي اسڪور تان موروتي مٿالين کي فاتح قرار ڏنو، اها محمد وسيم جي لاڳيتو 8 ڪاميابين بعد پهرين شڪست آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں