مستونگ سانحي جي شهيدن جي تدفين، ڪيس داخل، جاچ شروع، اڄ يوم سوڳ جو اعلان

0Shares

ڪوئيٽا (بيورو) مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ 131 ٿي ويو 150 زخمي شهيد سراج رئيساڻي جي جناز نماز ۾ آرمي چيف ۽ سياسي اڳواڻنسميت هزارين ماڻهن جي شرڪت واقعي جو ڪيس داخل جاچ شروع نگران سرڪار پاران اڄ يوم سوڳ جو اعلان مستونگ سانحي جي شهيدن جو انگ 131 ٿي ويو آهي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيل سراج رئيساڻي جي جنازي نماز موسيٰ اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي ۽ سندس مڙهه ڪانڪ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نگران صوبائي وزير علاوالدين مري آءِ جي ايف سي، ايف سي ڪمانڊنٽ آفيس سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي آرمي چيف حملي ۾ زخمي ٿيلن جي اسپتال وڃي عيادت پڻ ڪئي آرمي چيف چيو ته رئيساڻي خاندان ملڪ خاطر قربانيون ڏنيون آهن ملڪ سراج رئيساڻي جهڙي مدبر سياستدان کان محروم ٿي ويو آهي ٻئي طرف بلوچستان ۾ سوڳ ڇانيل رهيو سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو نويل رهيو سرڪاري ادارا پڻ بند رهيا بلوچستان عوامي پارٽي به 3 ڏينهن سوڳ  جو اعلان ڪندي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن هوڏانهن سانحي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري شاهديون گڏ ڪيون ويون فرانزڪ  ماهر به طلب ڪيا ويا آهن ٻئي طرف مستونگ سانحي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا وڪيلن پاران پڻ احتجاج ڪري عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو  ملڪ ۾ تازو ٿيل دهشتگردي وارن واقعن خلاف سکر جي وڪيل برادري ۽ سماجي اڳواڻن پاران وڪيل اڳواڻ شفقت رحيم راجپوت، قربان ڪلوڙ، راهب ملاڻو، صادق انصاري ۽ ٻين سيشن ڪورٽ جي احاطي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي وڪيلن جو چوڻ هو ته مستونگ ۽ بنون ۾ چونڊ جلسن مٿان حملا ڪري بيگناھ قتل ڪيو آهي دهشتگردي واريون ڪاروايون ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو امن امان خراب ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن تازو ٿيل دهشتگردي وارا واقعا سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪدگي مٿان سواليه نشان بڻيل آهي وڪيل اڳواڻن چيو ته دهشتگردي سبب ڪو به شهري محفوظ ناهي رهيو جنهن ڪري حڪومت کي گھرجي ته دهشتگردن جي ڪارواين کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن هوڏانهن جناح ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر پاران ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي وارن واقعن خلاف بندر روڊ سکر تي اصلاح الدين شيخ، مشرف محمود قادري، حاجي رفيق علي ميمڻ، عبدالقادر ملڪ، محمد ارشاد اصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته دهشتگردن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان قوم کي متحد ٿيڻ گھرجي قوم بيگناھ ماڻهن جا لاش ڪيستائين کڻندي رهندي ملڪ جو عوام دهشتگردن خلاف پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ٽاسڪ فورس حيدرآباد پاران ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين دهشتگردي واقعن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر اشوٿاما، اسد اقبال بٽ، ايڊووڪيٽ پروين سومرو ۽ ٻين چيو ته هن وقت ملڪ ۾ عام چونڊن جي مهم هلي رهي آهي ته ان وقت اوچتو ئي اوچتو دهشگردي جا واقعا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، هنن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اي اين پي جي چونڊ گڏجاڻي ۾ آپگهاتي حملو ٿيو، جنهن ۾ اي اين پي اميدوار هارون بلور سميت 14 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ درجين زخمي ٿي پيا، ان بعد بلوچستان ۾ مستونگ ۾ دهشتگردي جو بدترين واقعو پيش آيو، جنهن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي سميت 130 کان وڌيڪ ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، ساڳئي ڏينهن تي جي يو آءِ جي اميدوار اسد دراني جي چونڊ ريلي ۾ پڻ حملو ٿيو ۽ واقعي ۾  به ماڻهو شهيد ٿي ويا، هنن چيو ته چونڊن ۾ پابندي مڙهيل پارٽين کي جمهوري اليڪشن ۾ چونڊ وڙهڻ جو موقعو ڏيڻ جو منطقي نتيجو هن قسم جي دهشتگردي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. عوام مستقبل جي جمهوري پاڪستان کي گڏيل جدوجهد سان بچائي سگهي ٿو، هنن چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر ۾ 300 ماڻهو قتل ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، دهشتگردي جي اهڙن واقعن  ۾ ملوث دهشتگردن کي منظرعام تي آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن. ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن تي نگران وزيراعظم ناصر الملڪ اڄ آچر تي سرڪاري طور تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. سوڳ جي ڏهاڙي جو اعلان بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهيد ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس طرفان گهرو وزارت کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس مان هدايتن کانپوءِ گهرو وزارت  سوڳ ملهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں