سپريم ڪورٽ پاران پي ايس او جي آڊٽ ۽ 15 لک کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ آفيسرن جي مقررين بابت جاچ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پئٽروليم شين تي ٽيڪسن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران خانگي ڪمپني پي ايم جي کي پي ايس او جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته نيب کي پي ايس او ۾ 15 لک کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ سينئر آفيسرن جي مقررين بابت جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ثاقب نثار پئٽروليم شين جي قيمتن بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اها ڪهڙي عادت پيل آهي ته ٽيڪس جو پئسو لٽايو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران اٽارني جنرل ۽ ايم ڊي پي ايس او پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل پئٽروليم شين جي ڪوالٽي ۽ درآمد بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ايس او جي مقرري ۽ سهولتن بابت نيب کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته نيب اهو به ٻڌائي ته ايل اين جي تي ٿيندڙ جاچ ڪٿي پهتي آهي؟ جسٽس ثاقب نثار ايم ڊي پي ايس او کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڪڏهن ۽ ڪنهن جي سفارش تي مقرر ڪيو ويو. ايم ڊي ٻڌايو ته مون کي 2015ع ۾تنهن وقت جي وزيراعظم نواز شريف مقرر ڪيو، شاهد خاقان عباسي ڪميٽي جي سفارش تي مون کي مقرر ڪيو، اشتهار ذريعي حڪومت 6 نالا فائنل ڪيا، جنهن مان منهنجي چونڊ ڪئي وئي. ايم ڊي پي ايس او ٻڌايو ته جڏهن اداري جي چارج سنڀالي ته نفعو 6 ارب هو جنهن کي وڌائي 18 ارب رپيه ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس پي ايس او جي ايم ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي ته پئٽروليم جو تجربو ئي ناهي، حڪومت جو اهو ڪهڙو طريقو آهي ته خانگي ڪمپنيون ٺاهيو، پنهنجا ماڻهو لڳايو ۽ فائدا پهچايو، ڇو نه توهان کي معطل ڪيو وڃي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته هن ملڪ ۾ ڪهڙي عدالت پيل آهي ته ٽيڪس جو پئسو لٽايو وڃي، 2 کان اڍائي لک پگهار واري گريڊ 22 جي آفيسر کي 4 لک ڏئي ايم ڊي بڻائي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي وڃي ته مقررين ۾ سياسي اثر رسوخ استعمال ته نه ٿيو آهي، ايم ڊي پي ٽي وي کي هر مهيني 37 لک رپين جي پگهار ڏني ويندي آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي 6 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں