هڪ ڀيرو وري آءِ جي آءِ ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، ماضي مان سبق سکڻ گهرجي: بلاول

0Shares

پشاور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي چونڊ مهم ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، جيڪڏهن برابري جو موقعو نه مليو ته چونڊن جا نتيجا تڪراري بڻجي ويندا. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مستونگ سانحي کانپوءِ مالاڪنڊ ۾ جلسو ملتوي ڪيو ويو آهي، پر مان ڪارڪنن سان ملاقات ڪندس. هن چيو ته هارون بلور جي شهادت کانپوءِ ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ مالا ڪنڊ ۾ جلسو ملتوي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۾ وقت کان اڳ ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم انسانن جي قتل جي نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي مسئلي جو حل نه نڪري سگهيو آهي، جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي اوترو نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته معصوم پاڪستانين تي حملا افسوس جوڳا آهن، انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا ٻيهر سامهون اچي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي سمورين ڏکيائين باوجود چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو خطرو آهي تنهن ڪري پنهنجي ساٿين جي حياتي خطري ۾ نه ٿو وجهي سگهان. سندس چوڻ هو ته انتها پسندي جي مائينٽ سيٽ کي شڪست ڏيڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندي. هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر آءِ جي آءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ جڙتو اتحاد ٺاهيا پيا وڃن، ماضي مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ ڏکيائين حالتن باوجود چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں