نواز شريف ۽ مريم نواز کي بي ڪلاس الاٽ، ٽرائل جيل اندر مڪمل ڪرڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جيل ۾ بي ڪلاس ئي ڏنو ويو  ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ رکڻ بابت پلان ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن جنهن بعد نواز شريف کي اڊيالا جيل ۾ به ڪلاس منتقل ڪيو ويو آهي. جيل مينوئل موجب بي ڪلاس تحت ٽي وي، اخبار ۽ بيڊ جي سهولت ڏني ويندي آهي جڏهن ته اٽيچ باٿ روم، پکو ۽ هڪ خدمتگار به ڏنو ويندو آهي. ذريعن موجب مريم نواز کي گذريل رات اڊيالا جيل ۾ ئي رکيو ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز جي طبي چڪاس به ڪرائي وئي، جنهن ۾ ميڊيڪل ٽيمن ٻنهي کي صحتمند قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف اڊيالا جيل منتقلي کانپوءِ نواز شريف خلاف ٽرائل جيل ۾ ئي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي اپيل تيار ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت لنڊن فليٽ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 10، مريم نواز کي 7 ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل تيار ٿي وئي آهي، مريم نواز جا وڪيل جيل وڃي وڪالت نامي تي صحيحون وٺندا.. عدالت مان اپيل جي فيصلي تائين ڪيپٽن صفدر جي هڪ سال جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وقت ختم ٿيڻ سبب اپيلون سومر ڏهاڙي داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گرمي جي موڪلن سبب عدالتي وقت هڪ وڳي تائين هوندو آهي، خواجه حارث نواز شريف جي اپيل مڪمل طور تيار ڪري ورتي آهي. احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل لاءِ شريف خاندان کي 10ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف اڊيالا جيل ۾ نواز شريف سان سندس والده، شهباز شريف، حمزه شهباز جي ملاقات ڪرائي وئي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں