بدين(ڊ ر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ بدين جي قومي تڪ 230 بدين ٽو ۽ صوبائي تڪ پي ايس 73 تي جي ڊي اي جي اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي اڳوڻن حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ناقص پالسين سبب ۾ ملڪ جوعوام غربت بيروزگاري ۽ دهشتگردي جهڙي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو يان شهيد بي نظير جي پارٽي نه رهي آهي ان تي هڪ مافيا قبضو ڪري ويٺل آهي جنهن سڀ وسيلا تين وال ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته گذريل 5 سالن دوران اسان جي مخالفن تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ بجاءِ ادارن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي گذريل رات بدين جي ريلوي گرائونڊ ۽ پريس ڪلب بدين روڊ تي وڏن عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فهميده مرزا وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي اقتدار واري دور ۾ تڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا جڏهن ته منهنجي مخالف اميدوارن سيڊا ذريعي غريب آبادگارن جو پاڻي چوري ڪري پنهنجو زمينون آباد ڪيون جنهن سان بدين جي زريعي معشيت ۽ ماهيگيري تباه ٿي وئي آهي عوام وٽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه آهي پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا دعويٰ ڪئي ته مون پنهنجي دور ۾ تڪ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ گيس ۽ بجلي جي فراهمي جون سوين اسڪيمون ڏنيون 40 هزار کان مٿي ضلع جي عورتن کي بي نظير انڪم سپورٽ جا ڪارڊ مهيا ڪيا جڏهن ته ضلعي جي سوين نوجوانن کي وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ نوڪريون فراهم ڪيون هن چيو ته اسان جا مخالف اميدوار پنهنجي يقيني شڪست ڏسي بوکلاجي ويا آهن ۽ شڪست کان بچڻ لاءِ مختلف اٽڪلون ڪري رهيا آهن اڄوڪا جلسن ۾ عوام جي شرڪت ٻڌائي رهي آهي ته 25 جولاءِ بدين سميت پوري صوبي ۾ اسان جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي ڊاڪٽر فهميده مرزا عوام کي اپيل ڪئي ته 25 جولاءِ تي بدين ۾ جي ڊي اي جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي هن ملڪ ۽ صوبي مان ڪرپٽ حڪمران ٽولي جو هميشه لاءِ خاتمون آندو وڃي ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي بدين ڪائونلسرن حاجي غلام حسين سومرو گلزار ميمڻ شاهد خان آفريدي عيسيٰ ملاح ۽ ميڊم خورشيد ميمڻ پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته پريس ڪلب اڳيان عورتن واري جلسي ۾ بدين ۽ آس پاس جي عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ٻئي طرف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران ڪڙيوگھنور ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ٻاگھلي شريف مھيري برداري ،ڳوٺ الھداد خاصخيلي خاصخيلي ،ڪولھي برادري ،ڳوٺ خادم حسين شاھ ،ڪڙيوگھنور ۾ قمبراڻي محلو قمبراڻي برداري ،غريب آباد محلو وارڊ 4 جي مختلف بردارين،ڪولھي ،ڪڇي ،شيخ ،نظاماڻي،ٻٻر،مھيشوري سمان ۽ ٻين برادرين پاران 25 جولاءِ تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ووٽ ڏيڻ جي حمايت جو اعلان ڪيو مختلف ڪارنر گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر خطاب ڪندي چيو ته موجوده پاڪستان پيپلزپارٽي چورن ۽ لٽيرن جو ٽولو آھي جن سڄي.ملڪ سميت سنڌ کي به لٽي ڦري تباھ برباد ڪري ڇڏيو آھي ،جنهن ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار چونڊ ورڪ لاءِ وڃي ٿو ته عوام سخت پڇاڻو ڪري ٿو ،گذريل ڏھ سالن ۾ زرداري ليگ سڄي سنڌ وڪڻي کائي وئي آھي ،آصف زرداري ملڪ دشمن ايم ڪيو ايم سربراه سان ملي سڄي سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ چاھيو ٿي ،پر سندس ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملي ويا ،جڏهن ته پي ايس 74 گولاڙچي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار محمد اسماعيل راھو کي اسان ساٿ ڏئي 17 سالن بعد ننڍي چونڊ ۾ کٽرايو پر ھن اسان ۽ عوام جي اعتماد کي ھڪ پاسي رکي پنهنجي ذاتي مفادن کي اھميت ڏئي فريال ٽالپر پاران ٽن شراب جي گتن کي بند ڪرڻ بعد ان کي کولرائڻ لاءِ وڃي زرداري ليگ ۾ شامل ٿيو آھي ،ھن کي تڪ جي ووٽرن سان ڪابه همدردي نه آھي ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته توهان مرزا خاندان ۽ راھو ،چانڊيا برادران پاران تڪ جي ڪيل خدمت کي ضرور ڀيٽ ڪريو اگر مرزاخاندان بدين جي عوام جي بھتر خدمت ڪرڻ ۾ ٻين کان پوئتي آھي ته ڀلي ووٽ نه ڏيو ،اگر اسان بدين ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آھي پوءِ اسان کي 25 جولاء 2018 تي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا ،مرزا خاندان ھر ڏک سک ۾ ڪڙيوگھنور گولاڙچي جي عوام سان ھر وقت گڏ رھيو ۽ رھندو، جڏهن مون تي ڏکيو وقت آيو مرزا فارم هائوس کي پوليس ڪڙو چاڙھيو ھو ته ان وقت ڪولھين ڀيلن ميمڻن ،جمالين،ملاح جي ماڻهن منهنجي جان جي حفاظت ڪئي ،پوليس کي ڊوڙ کڻائڻ واريون ڪولھي برادري جون بهادر عورتون ھيون مون وٽ ڪا به فورس نه ھئي .توهان کي علم ھجڻ گھرجي ته ووٽ ڪنهن تي احسان ڪرڻ لاءِ نه آھي ووٽ اوھان جي بھتر مستقبل جو ضامن آھي،تنهن ڪري ان جو استعمال سوچي سمجھي ڪريو ، اوهان کي ھاڻي ثابت ڪرڻو آھي ته جيئن اوهان اڳي بلدياتي اليڪشن ۾ اسان کي ڪامياب ڪيو تيئن ھن ڀيري به ھمت ڪري اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريو ، ھاڻي پاڻ سڀ جاڳي پيا آھيون، سنڌ ھاڻي جاڳي پئي،جاڳيل سنڌ جيئرن ماڻهن کي جيئارڻ لاءِ 25 تاريخ تي تاري تي ٺپو ھڻي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي فيصلو ڪندي .
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟