پي ايس او ۾ 64 ارب رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، 5 اڳوڻا مئنيجر گرفتار

ڪراچي (چيف رپورٽر) نيب مختلف ڪارروائين ۾ پي ايس او ۾ 64 ارب رپيا ڪرپشن ۾ ملوث آئل مارڪيٽنگ ڪمپينين جا پنج اڳوڻا مئنيجر گرفتار ڪري ورتا اهن تفصيل موجب نيب ڪراچي جي عملدارن پنج آئل ڪمپنين جي آفيسن تي ڇاپا هڻي اڳوڻن جنرل مئنيجرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ايس او جي 64 ارب جي اسڪينڊل ۾ ملوث آئل مارڪيٽنگ جي پنج اڳوڻن مئنيجرز کي ڪراچي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ مختلف ڪارروائين دوران حراست ۾ ورتو ويو آهي جوابدارن ۾ اختر ضمير، ڪامران افتخار لاشاري، قيصر جمال، ذوالفقار جعفري ۽ نظرعلي زيدي شامل آهن پڌنامي مطابق جوابدارن کي غيررقانوني طريقي سان خانگي پيٽروليم ڪمپنين کي ٺيڪو ڏيڻ جو الزام آهي ۽ پي ايس او کي غير معياري پروڊڪس سپلاءِ ڪئي ويئي جنهن سان قومي خزاني کي 64 ارب رپين جو نقصان ٿيو نيب موجب عدالت پاران اختر ضمير ۽ قيصر جمال جو 13 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو آهي جڏهن ته ڪامران افتخار ميڊيڪل بنياد تي جڊيشل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۽ گلگت مان گرفتار ڪيل جوابدارن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں