اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چونڊ عملي کان قسم نامو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پولنگ عملي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن مطابق پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پرزائيڊنگ آفيسر هر ضلعي جي آر او کان عهدي جو قسم نامو وٺندو. اليڪشن ڪميشن مطابق پرزائيڊنگ آفيسر پولنگ جي باقي عملي کان حلف وٺندو، جڏهن ته چونڊ عملي کي پولنگ جي وقت کان گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ پهريان پولنگ اسٽيشن تي پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پولنگ عملي کي اميدوار پاران ملندڙ مالي سهڪار يا تحفي کي رشوت تصور ڪيو ويندو، جڏهن ته پولنگ عملي تي فرض جي ادائيگي دوران سياسي راءِ جي اظهار تي به پابندي لاڳو هوندي. اليڪشن ڪميشن مطابق پولنگ عملو اهڙو لباس يا علامت اختيار نه ڪري، جنهن سان ڪنهن پارٽي جي وابستگي ظاهر ٿئي، جڏهن ته فرض ۾ ڪوتاهي تي عملي خلاف اليڪشن ڪميشن سنئون سڌو ڪارروائي ڪندي. اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشن تي موبائل فون کڻي وڃڻ تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پولنگ واري ڏينهن بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي لاءِ سيڪريٽري پاور ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خطن موجب 25 جولاءِ تي صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين پولنگ ٿيندي جنهن جي فوري بعد ڳڻپ جو عمل شروع ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن 25 ۽ 26 جولاءِ تي بجلي جي فراهمي جي هدايت ڪندي خط ۾ چيو ته چونڊ عمل کي هموار بڻائڻ لاءِ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ٻئي طرف ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ اضافو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين هوندو هو پر هاڻي شام 6 وڳي تائين وڌايو ويو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟