سڄاڻ ڌرين مهان ڏاهي رسول بخش پليجي کي ايشيا جو عظيم مفڪر قرار ڏئي ڇڏيو

ٺٽو ( رپورٽ: اعجاز واريو ) مهان ڏاهي، دانشور ۽ سياستدان مرحوم رسول بخش پليجو جي چاليهي جي موقعي تي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ جي سوين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ عورتن سميت ھزارين ماڻھن سندس آخري آرامگاه تي پهچي کيس سلامي پيش ڪري گلن جون چادرون چاڙهيون، جڏهن ته جنگشاهي لڳ پليجي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ مرحوم جي آخري آرام گاھ وٽ عوامي تحريڪ پاران منعقد ڪرايل چاليهي جي تقريب ۾ سندس مختلف ڪتابن جي مهورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تقريب ۾ شريڪ سياستدانن اديبن، دانشورن، فنڪارن ۽ سڄاڻ ڌُرين مرحوم رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته، پليجو نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر ايشيا جو عظيم ڏاهو ۽ مفڪر هو، جنهن هميشه سنڌ جي اجتماعي اشوز سميت دنيا جي سياسي اُٿل پُٿل ۽ عالمي سياست تي هميشه گهري نظر رکندڙ گهڻ طرفي شخصيت جو مالڪ هو، چاليهي واري تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي، پ پ جي سينيٽر سسئي پليجو، سرائيڪي اڳواڻ شفيق حسين بخاري، ناميارو ليکڪ گل حسن ڪلمتي، اديب ۽ دانشور يوسف شاهين، آرٽسٽ شيما ڪُرماني، عورت اڳواڻ حورالنساء پليجو، سرتاج چانڊيو، سيد خدا ڏنو شاه،غلام نبي کوسو ۽ ٻين سياسي توڙي سماجي اڳواڻن خطاب وڌيڪ چيو ته، مرحوم رسول بخش پليجو هڪ وڏي اداري جو نالو آهي، جنهن نه رڳو سياست ڪئي پر ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيبن تي تمام گهڻو ڪم ڪري ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي ڪيس کي عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري، ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي، هنن چيو ته رسول بخش پليجو هڪ جدوجهد جو نالو آهي، جنهن هميشه تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ سندس سموري زندگي ڊگهي تاريخي جدوجهد ڪندي گذري، جنهن سنڌ دشمن منصوبن، ڪالاباغ ڊيم، ذوالفقار رٿا سميت ون يونٽ تحريڪ ، شاگرد تحريڪ، جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ سميت مختلف تحريڪن جي سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، سندس وڇوڙي سان هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، هنن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پليجي  جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ لاء سندس ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ سندس تاريخي جدوجهد کي پنهنجو اصول بڻائي پنھنجي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو رسول بخش پليجو سنڌ جي مائرن ٻارڙن عورتن شاگردن جي حقن جي حاصلات توڙي سنڌ جي مالي وسيلن ۽ پاڻي جي معاملي تي اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو ۽ شعوري سجاڳي پيدا ڪئي،ان موقعي تي چاليهي واري تقريب ۾ رسول بخش پليجي جي قولن تي مشتمل ڪتاب ”فڪر پليجو“ ۽ سندس شخصيت ۽ جدوجهد تي شاعرن پاران ڪيل شاعري تي مشتمل ڪتاب ”ڳاء وري تون ڳاء“ سميت مختلف مضمونن ۽ ايڊيٽوريل تي مشتمل ”تحريڪ رسول بخش پليجو“ سميت مختلف ڪتابن ۽ تحريري مجموعن جي مهورت پڻ ڪئي ويئي، جڏهن ته چاليهي جي تقريب ۾ شاگردياڻي تحريڪ جي نارين پاران مخصوص ويس پهري رسول بخش پليجو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاء مخصوص انداز ۾ سلامي پڻ پيش ڪئي ويئي، جنهن دوران پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻهن عورتن توڙي ٻارڙن سلامي دوران اٿي بيٺا رهيا، جڏهن ته شام دير تائين چاليهي واري تقريب ۾ موسيقي جي محفل پڻ جاري رهي، جنهن ۾ آرٽسٽ شيما ڪُرماني، مقامي فنڪار سوڍو جوڳي سميت مختلف فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ شاعرن  شاعري پيش ڪري پليجي کي لفظن جي ڀيٽا ڏني.5

اپنا تبصرہ بھیجیں