انگلينڊ ٻي ون ڊي مئچ ۾ ڀارت کي 86 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي

0Shares

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڀارتي کي ٻئي ون ڊي مئچ ۾ 86 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 1-1 برابري حاصل ڪريو رتي. انگلينڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 322 رنسن جو پهاڙ ٺاهيو. جو روٽ 113، ڪپتان مورگن 53، جيسن راءِ 40 ۽ بيرسٽو 38 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڊيوڊ ملي 50 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪلديپ ياديو 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ ڀارت مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي فقط 236 رنسون ٺاهي سگهي.  سريش رائنا 46، ڪپتان ڪولهي 45، شکر ڌون ۽ ڌوني 36-36 رنسون ٺاهي سگهيا جوروٽ کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں