سريلنڪا پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 278 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

گال(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي ڏکڻ آفريڪا کي پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ 278 رنسن تان بدترين شڪست، ٻن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري. ان کان اڳ سريلنڪا 272 رنسن جي ليڊ سان 111 رنسن 4 وڪيٽن جي نقصان تان اننگ شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 190 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. ڏکڻ آفريڪا کي مئچ کٽڻ لاءِ 352 رنسن جو هدف ڏنو. ڏکڻ آفريڪا جي پوري ٽيم فقط 73 رنسن تي ڍير ٿي وئي. فلينڊر 22، مارڪرم 19 ۽ ڊيڪاڪ 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. هيراٿ ۽ پريرا 4-4 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ڊائيمٿ ڪرونارتني کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں