بيلجيم پاران پهريون گول چوٿين منٽ ۾ مونائر ڪري ٽيم کي برتري ڏياري

0Shares

سينٽ پيٽرزبرگ(اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کي شڪست، بيلجيم ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. خبر موجب فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ بيلجيئم انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. روس ۾ جاري ورلڊ ڪپ ۾ ٽئين پوزيشن جي مقابلي ۾ بيلجيئم انگلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي بعد 0-2 تان شڪست ڏئي ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. بيلجيئم طرفان پهريون گول چوٿين منٽ ۾ ميونائر ڪيو جڏهن ته ٻيو گول اسڪور ڪپتان هيزارڊ ڪيو. هي بيلجيئم طرفان فٽبال جي عالمي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي آهي. فٽ بال ورلڊ ڪپ جو فائنل اڄ فرانس ۽ ڪروشيا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں