آءِ سي سي ويمن چيمپئن شپ، آخري ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

لانسيسٽر(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ويمن ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، سيريز 2-1 تان انگلينڊ جي نالي رهي. فاتح ٽيم 220 رنسن جو هدف 45 هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. سوفي ڊيوائن 117 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪاسپيرڪ به 5 وڪيٽون وٺي ٽيم جي فتح ۾ حصو وڌو، ڊيوائن ميچ جي بهتگرين رانديگرياڻي قرار ڏني وئي. لائسيسٽر ۾ کيڏيل آخري ون ڊي ۾ انلينڊ ويمن ٽيم پهرين کيڏندي 47.4 اوورن ۾ 219 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ايمي جونز 78 ۽ بيومائونٽ 53 رنسن ٺاهي سڀ کان اڳڀريون رهيون، ڪاسپيرڪ 5 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ ويمن گهربل هدف 44.4 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، صوفي ڊيوائن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 117 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں