نواز شريف ۽ مريم نواز جي لاهور ۾ لينڊنگ، نيب جي ٽيم ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪري ورتو، جيل ۾ قيد

0Shares

لاهور/اسلام آباد (بيورو+ م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ڌيءُ مريم نواز لنڊن کان ڏيهه پهچي ويا، نيب جي ٽيم ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪري ورتو اديالا جيل منتقل پوليس استقبال لاءِ ن ليگ ڪارڪنن کي روڪي ڇڏيو چڪريون اهلڪارن سميت 16 ڄڻا زخمي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز خانگي اڏام اي واءِ 342 وسيلي  لاهور ايئرپورٽ پهتا ٻنهي ڄڻن کي جهاز ۾ لاهي لائونج ۾ ويهاريو ويو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي نيب جي ٽيم جهاز ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. پهرين ايف آءِ اي جي ٽيم اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ مريم نواز کان سندن پاسپورٽ ورتا جنهن بعد کين گرفتار ڪيو ويو. نواز شريف ۽ مريم نواز کي خصوصي جهاز ۾ ويهاري اسلام آباد منتقل ڪيو ويو جڏهن ته احتساب عدالت جو جج محمد بشير ۽ نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسي به رات جو عدالت پهچي ويا نيب جي اپيل تي عدالت جي جج محمد بشير مريم نواز ۽ نواز شريف جي قيد جا گرفتاري وارنٽ جو حڪم ڏنو عدالت جڊيشل مئجسٽريٽ به مقرر ڪري ڇڏيو جڊيشل مئجسٽريٽ نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل سپرنٽينڊنٽ حوالي  ڪيو نواز شريف کي اڊيالا جيل ۽ مريم نواز کي سهارا ريسٽ هائوس ۾ منتقل ڪيو ويو سهارا ريسٽ هائوس کي سب جيل قرار ڏنو ويو لاهور ۾ نواز شريف جي استقبال لاءِ هزارين ڪارڪنن پهتا شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي اڳواڻي ۾ پهتل ڪارڪنن کي نواز شريف سان ملڻ نه ڏنو ويو مختلف هنڌن تي پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون پوليس ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي جنهن سبب 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي وطن واپسي کان اڳ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته لاهور ۾ ميٽرو بس سروس به معطل . لاهور جي مختلف شاهراهن تي وڏي انگ ۾ ڪينٽينر رکيا ويا جڏهن سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري لاهور ايئرپورٽ پهچي وئي. رينجرز لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. لاهور هوائي اڏي ۽ ڀرپاسي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هوائي اڏي جي عملي جي موبائيل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. لاهور ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ نگران حڪومت به موبائيل فون جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي، 50 هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي رستا بند ڪيا ويا جنهن سبب عام شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. راوي پل تي به رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ اهلڪار گاڏين جي جهڙتي وٺي رهيا آهن.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں