مستونگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي سميت 130 ڄڻا شهيد ۽ 122 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ليويز ذريعن موجب مستونگ جي علائقي درينڳڙهه ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 130 ڄڻا شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر مستونگ واقعي ۾ 85 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته نوابزاده لشڪري رئيساڻي پنهنجي ڀاءُ سراج رئيساڻي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر مستونگ موجب سراج رئيساڻي کي زخمي حالت ۾ علاج جي لاءِ ڪوئيٽا اماڻيو ڪيو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. مستونگ ڌماڪي بعد ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، موڪل تي موجود ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي واپس طلب ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر مستونگ موجب ڌماڪي جي ڪيترن ئي زخمين کي ڪوئيٽا جي اسپتالن ڏانهن اماڻيو ويو آهي جڏهن ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مستونگ ڌماڪي جي 53 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن موجب ڌماڪي ۾ شهيد 38 ڄڻن جا لاش سول اسپتال جڏهن ته 6 جا لاش بي ايم سي ۾ موجود آهن. مستونگ واقعي ۾ شهادتون وڌڻ سبب ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي مرده خاني ۾ ميتون رکڻ جي جاءِ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ مرده خانن کان سواءِ ايمرجنسي حادثن واري شعبي ۾ به ميتون رکيون ويون آهن. ياد رهي ته نوابزاده سراج رئيساڻي بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار هو ۽ تڪ پي بي 35 مستونگ تان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو هو جڏهن ته هو اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ به مستونگ ڌماڪي کي آپگهاتي قرار ڏنو آهي جڏهن ته بي ڊي ايس موجب ڌماڪي ۾ 16 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا مستونگ واقعي جو نوٽيس وٺندي بلوچستان جي نگران وڏي وزير، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سمورن اميدوارن کي بنا امتياز سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ چونڊن جي ماحول کي پرامن بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلوچستان جي نگران وڏي وزير علاو الدين مري مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جا واقعا چونڊ ڪرائڻ واري عمل کي تار تار نٿا ڪري سگهن ۽ سانحو درينڳڙهه ۾ ملوث عنصرن کي جلد قانون جي ڪٺهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته شهيد نوابزاده سراج رئيساڻي محب وطن سياستدان هو ۽ هو ملڪ ۾ مضبوطي پيد اڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته هو قومي اتحاد ۾ ملڪ جي سلماتي جو عملبردار هو.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟