70 سالن جي تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ اسٽينڊ وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي: نوازشريف

لنڊن / ابوظهبي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته منهنجو انٽرويو ٽي وي تي نه هلايو ويو، قوم جو خوف ختم ٿي ويو آهي، هاڻ ميڊيا کي به اسٽينڊ وٺڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 70 ورهين جي تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ اسٽينڊ وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، جتي تبديلي جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، اتي ئي وري ميڊيا پوئتي هٽندو پيو وڃي، اهو مناسب ناهي، ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، قوم جو خوف ختم ٿي ويو آهي، هاڻ ميڊيا کي به خوف ختم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن 8 کان 10 چئنل، گهٽ ۾ گهٽ 5 چئنل به اسٽينڊ وٺن ته پوءِ ڏسو صورتحال تبديل ٿئي ٿي يا نه، سڀ گڏجي ملڪ کي تبديل ڪيو، 70 ورهين جي تاريخ کي تبديل ڪيو. هن چيو ته فلائيٽ عام طور تي دير جو شڪار ناهي ٿيندي، اسان سوار ٿيڻ لاءِ تيار هئاسين پر اوچتو خبر پئي ته فلائيٽ ڏيڍ ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي، اهو به هڪ سواليا نشان آهي. نواز شريف چيو ته چونڊن ۾ 10 ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ ملڪ کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو، اهو رڳو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ۽ اڳ به ٿيندو رهيو آهي، پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ٻين صوبن ۾ اهڙي قسم جون حالتون ناهن، ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، رستا بند ڪيا ويا آهن، هزارن جي انگ ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ڪهڙو غير قانوني ڪم ڪيو آهي، ان سان چونڊن جي ڪهڙي اهميت رهجي ويندي. سندس چوڻ هو ته منهنجي موٽڻ جو به ڪو مقصد آهي ۽ قوم کي ان مقصد جي خبر آهي، مان گهرواري کي بيمار ڇڏي موٽي رهيو آهيان، اسان پوئتي ناهيون هٽيا، چونڊ وڙهي رهيا آهيون، ڀلي گرفتار ڪيو وڃي پر ارادن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪير مون کي ٻڌائيندو ته مريم کي 8 سال قيد جي سزا ڇو ٻڌائي وئي، سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟ عوام ڏسي ته فيصلا ٻڌائڻ ۽ فيصلا ڪرائڻ وارو ڪير آهي. هن چيو ته اسان جيل وڃي وڏي قرباني ڏئي رهيا آهيون، تحريڪ اتان ئي شروع ٿيندي، اتان ئي ملڪ تبديل ٿيندو. لنڊن کان وطن روانگي جي موقعي تي جهاز ۾ ريڪارڊ ڪيل ويڊيو پيغام ۾ نواز شريف چيو ته پاڪستان  هن وقت فيصلائتي موڙ تي آهي، جيڪو منهنجي وس ۾ آهي ۽ هو  ڪري چڪو آهيان،  خبر آهي ته سزا ملي آهي، ۽ جيل منتقل ڪيو ويندو.  پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته عوام منهنجي هٿن ۾ هٿ ڏئي ۽ قدم سام قدم ملائي هلي. اهڙا موقعا هر هر  ناهن ايندا. ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي گڏيل طور تي 11 ورهيه قيد ۽  ڏنڊ، سندس نياڻي مريم نواز کي 8 ورهيه قيد ۽ ڏنڊ جڏهن ته ناٺي ڪيپٽن(ريٽائرڊ) صفدر کي هڪ ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي هئي. نواز شريف جو ناٺي هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس نياڻي جي  وطن پهچڻ تي کين به گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں