جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جون دشمن جون ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون: آرمي چيف

0Shares

اسلام آباد  (م ڊ)  مستونگ  سانحي جي صدر، نگران وزيراعظم، سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين پاران مذمت ڪئي وئي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده چيو آهي ته دشمن  جي جمهوريت کي پٽڙي  تان لاهڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي. آءِ ايس پي آر  پاران  جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف چيو ته مستونگ سانحو هانءُ  ڏاريندڙ  آهي. ملڪ هڪ مخلص ۽ قابل سياستدان کان محروم  ٿي ويو آهي. هن چيو ته سمورا  پاڪستاني متحد ٿي دشمن کي شڪست ڏيندا. ٻئي طرف سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان مستونگ ۽ بنون ٿيل بم ڌماڪن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي. سنڌ جي نگران وڏي وزير بلوچستان صوبي جي شھر مستونگ ۾ چونڊ مھم دوران آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار سراج رئيساڻي سميت 44 ماڻھن جي شھادت تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحيتابيءَ لاءِ دعا ڪئي. انھيءَ کانسواءِ نگران وڏي وزير فضل الرحمان خيبر پختون خواھھ جي شھر بنون ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن ماڻھن جي شھادت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمين ٿيڻ تي پڻ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ نوابزاده سراج رئيساڻي جي شهيد ٿي وڃڻ تي افسوس ۽ دلي ڏک ٿيو آهي، دهشتگردن جي مسلسل حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت کي گهرجي ته فوري طور دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي، شهيد نوابزاده سراج رئيساڻي جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ زخمي ٿيل جي صحتيابي لاءِ دعا گهري.هن چيو ته اميدوارن تي دهشتگرد حملا ڪرائي اليڪشن کي نه ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، اهڙن حملن جي پويان ڪنهن ڳجهن ماڻهن جو هٿ آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں