نواز شريف جي آمد کان اڳ ن ليگي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون، وڌيڪ سوين ڪارڪن گرفتار

لاهور (بيورو) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ وڌيڪ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ليگي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن سان گڏ وٺ پڪڙ جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڪيو. لاهور جي علائقي فيروز والا ۾ مسلم ليگ ن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران شاهدره فيروز والا ايريا ۾ پوليس 50 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، اعواڻ ٽائون يوسي 105 جي وائس چيئرمين خالد حبيب خان جي گهر ۽ ڪائونسلر چوڌري خادم حسين گجر تي به پوليس ڇاپو هنيو، جڏهن ته اعواڻ ٽائون مان مسلم ليگ يوٿ ونگ لاهور جي نائب صدر زوهيب منظور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. راولپنڊي پوليس به مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. فيصل آباد پوليس به سڄي رات ڇاپا هڻي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. ڪينال پارڪ ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا اشفاق چاچو جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر هو بچي نڪتو. بهاولپور ۾ پوليس اڳوڻي وفاقي وزير بليخ الرحمان جي گهر تي پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ سمورا در بند ڪري سندس گهر ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا.5

اپنا تبصرہ بھیجیں