حيران آهيان جڏهن نواز ڏکيائي ۾ هوندو آهي دهشتگردي ۽ سرحدي معاملا خراب ٿيندا آهن: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان بنون ۾ مجلس عمل جي اميدوار اڪرم دراني تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن کي متاثر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته عام چونڊن کي متاثر ڪرڻ  جي سازش جون ڏوريون لوڏيون پيون وڃن، عوام ڪنهن به اهڙي سازش کي تاريخي چونڊن جي رستي ۾ رنڊڪ جي اجازت بڻجڻ نه ڏيندو. هن چيو ته اڪرم دراني جي سلامتي جا اطلاع اطمينان جوڳا آهن. سندس چوڻ هو ته چونڊن جهڙي اهم ترين مرحلي دوران دشمن عدم استحڪام جو خواهشمند آهي، پرامن ماحول ۾ غير جانبدار چونڊ پاڪستان جي مستقبل لاءِ نهايت اهم آهي. عمران خان چيو ته نگران حڪومتون اميدوارن جي سلامتي ۽ مجموعي طور تي امن جي حفاظت لاءِ اهم ترين اوليت بڻائين ۽ ڪنهن کي فساد پيدا ڪرڻ جو موقعو نه ڏين. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته حيران آهيان ته جڏهن نواز شريف ڏکيائي ۾ هوندو آهي ته پاڪستاني سرحد تي صورتحال خراب ٿيڻ ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو آهي، واهه جو عجيب اتفاق آهي؟ ٻئي طرف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته عام چونڊن ۾ اسان کي ڪاميابي جي پڪ آهي، جيڪڏهن مان وزيراعظم بڻجي ويس ته ڪرپشن ۽ غربت خلاف مهم هلائيندس. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته آمريڪي فوج جي موجودگيءَ ۾ افغان مسئلي جو حل گهٽ آهي، جيستائين آمريڪي فوج افغانستان ۾ موجود آهي افغانستان مسئلي ۾ ڪا اڳڀرائي ممڪن ناهي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ ڪاميابي جي پڪ آهي، جيستائين آخري بال نه اڇلايو وڃي ميچ ختم نه ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته توهان چين جو مثال وٺو هنن ڪيئن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں