سريلنڪا پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف 287 رنسن تي ڍير

0Shares

گال(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرينٽيسٽ مئچ ۾ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪندي پهرين ڏينهن 287 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪرونارتني 158 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. گناگلڪي 26، سندرڪن 25 ۽ ڪسل مينڊس 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.  ڪگيسو ربادا 4 ۽ تبريز شمسي 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ڊيل اسٽين ۽ فلينڊر 1-1 شڪار ڪيو. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا پهرين ڏينهن جي اختتام تي 4 رنسن تي هڪ وڪيٽ وڃائي ڇڏي. ايڊن مارڪرم بنا کاتي کولڻ جي هيرات جو شڪار ٿي ويو. مارڪرم ۽ مهاراج بنا کاتي کولڻ جي ڪريس تي موجود رهيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں