فيفا ورلڊ ڪپ 2018ع چيمپئين ڪير فائينل آچر تي فرانس ۽ ڪروشيا وچ ۾ کيڏيو ويندو

ماسڪو(اسپورٽس نيوز) فيفا ورولڊ ڪپ 2018 جو سلسلو بلڪل پچاڻي تي پهچڻ وارو آهي. اڄ  ٽئين نمبر جي لاءِ بيلجيم ۽ انگليند وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ٻئي ٽيمون سيمي فائينل ۾ شڪست کائي چڪيون . مئچ پاڪستاني وقت مطابق شام 7 وڳي سينٽ پيٽرسبرگ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. فيفا ورلڊ ڪپ 2018ع جو تاج ڪنهن جي سر تي آخري دنگل 14 جولاءِ آچر ڏينهن فرانس ۽ ڪروشيا وچ ۾ ٿيندو. ٽائيٽل جي لاءِ فيوريٽ فرانس کي سمجهيو پيو وڃي پر ٻئي پاسي ڪروشيا پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهي آهي اپ سيٽ ڪري سگهي ٿي فائينل دنگل پاڪستاني وقت موجب رات 8 وڳي لزهنڪي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں