پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 5 ون ڊي مئچن تي مشتمل سيريز اڄ کان شروع ٿيندي

0Shares

بولاوايو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 5 ميچن تي مشتمل ون ڊي سيريز اڄ کان بولاوايو ۾ شروع ٿي رهي آهي ٽي ملڪي سيريز جي فتح بعد قومي ٽيم جون نظرون زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ تي آهن  پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ پاڪستاني وقت جي مطابق 12:15 وڳي کيڏي ويندي اهم رانديگرن کان محروم ميزبان زمبابوي ٽيم لاءِ ان فارم ۾ پاڪستاني ٽيم سان مهاڏو اٽڪائڻ وڏو چيلينج آهي قومي ٽيم هوٽل جي بڪنگ ڪينسل ٿيڻ سبب 3 ڏينهن دير سان گذريل ڏينهن بولاوايو پهتي، بابر اعظم، امام الحق، جنيد خان ۽ ياسر شاهه پهرين ٽيم کي جوائن ڪري چڪا آهن قومي ٽيم ون ڊي سيريز جي لاءِ هراري ۾ ڀرپور تياري ڪئي پاڪستان کي ون ڊي ۾ 5 هين پوزيشن برقرار رکڻ جي لاءِ زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ 1-4 کان فتح حاصل ڪرڻي پوندي ٻئي طرف  قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد بولاوايو ۾ ون ڊي ميچ صبح سوير شروع ٿيڻ تي پريشاني جو اظهار ڪندي چيو ته ميچ صبح 9 وڳي شروع ٿيندي جڏهن ته ٽاس صبح 8:45 تي ٿيندو زمبابوي ۾ سردين جي موسم آهي ان جي لاءِ ٽاس جي اهميت آهي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں