ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي خلاف ڪيس داخل

 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي خلاف ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم لاءِ نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. خابرو اداري مطابق سيڪريڊ گيمز جي 6 جولاءِ تي نشر ٿيندڙ قسط ۾ نواز الدين صديقي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي لاءِ نامناسب لفظ استعمال ڪيا هئا، جنهن تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهڙو ڪيس ڏکڻ بنگال جي ڪانگريس ڪميٽي جي ميمبر راجيو سنها داخل ڪرايو.

اپنا تبصرہ بھیجیں