سلمان خان برانڊ بينگ هيومن جي نئين شاخ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪينيڊا پهچي ويو

 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان برانڊ ”بينگ هيومن“ جي نئين شاخ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪينيڊا پهچي ويو آهي. جتي مداح ان سان ملاقات ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪار سلمان خان دبنگ ٽو ور ري لوڊڊ جي ٽورنٽو ۾ ڪامياب طريقي سان منعقد ٿيڻ بعد ڪينيڊا جي اوڀر صوبي انٽاريو ۾ موجود آهي، جتي هو پنهنجي برانڊ بينگ هيومن جي نئين شاخ کي متعارف فلم ڪرائيندو. ان موقعي تي هن پنهنجي مداحن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ تصويرون ڪڍرايون جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں