اسلام آباد / لنڊن (بيورو + م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي اڄ ڏيهه واپسي، نيب گرفتاري لاءِ انتظاممڪمل ڪري ورتا، ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو. تفصيل موجب اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ مريم نواز اڄ لنڊن کان واپسيڌ ڏيهه پهچندا. ن ليگ پاران نوازشريف ۽ مريم ۽ نواز جو شاندار استقبال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نوازشريف ۽ مريم نواز اڄ ابو ظهبي کان ڏيهه پهچندا. ٻئي طرف لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته ملڪ کي بربادي ڏانهن ويندي ڏسي رهيو آهيان. جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ماڻهو سڀ سمجهن پيا، ٻيون پارٽيون چونڊ مهم هلائين پيون، اسان جا ڪارڪن گرفتار ٿين پيا. هي ڪهڙي قسم جون چونڊون ڪرايون پيون وڃن، چونڊن کان اڳ ڌنڌلي شروع ٿي وئي آهي. لاهور مان اسان جا ڪارڪن گرفتار ٿين پيا. هن چيو ته مون ۽ مريم نواز ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، اسان ڄاڻون ٿا ته هتان کان جيل وڃڻو آهي. اسان قوم خاطر پاڪستان وڃي رهيا آهيون. ڪلثوم نواز اڄ ٿوري دير لاءِ اکيون کوليون. اهڙين حالتن ۾ ڪو به مڙس پنهنجي گهر واري کي ڇڏي نٿو سگهي. مون کي يقين آهي ته قوم منهنجو ساٿ ڏيندي جيڪڏهن ملڪ ۾ تبديلي نه آئي ته ملڪ لڙهي ويندو. ٻئي طرف نيب نوازشريف ۽ مريم نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. نوازشريف ۽ مريم نواز کي لاهور ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪيو ويندو. لاهور ايئرپورٽ تي هيليڪاپٽر جو بندوبست ڪيو ويو آهي. نيب جي 16 رڪني ٽيم به جوڙي وئي آهي. اسلام آباد ۽ لاهور سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، موٽر وي کي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي. ايئرپورٽ تي اپيليٽ ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن. نوازشريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ بعد هيليڪاپٽر وسيلي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو. هوڏانهن نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري وارنٽ تي عمل يقيني بڻائينداسين. پنهنجي تازي بيان ۾ نيب چيئرمين چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ وجهندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ احتساب عدالت طرفان جاري گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪيو ويندو. هوڏانهن نگران حڪومت نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڏيهه واپسيءَ تي لاهور ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي ظفر خان چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف عدالتي فيصلو آيو آهي ته کين گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته سزا مليل شخص کي گرفتار ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته کين لاهور ۾ ڦرڻ ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت ۽ انتظاميه امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ نه ڏيندي. علي ظفر چيو ته امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين،نيب کي سهولت ملندي ته سڀ ڪجهه باعزت نموني ڪيو وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اهو غلط آهي ته مخصوص ماڻهن جو احتساب ڪيو پيو وڃي، نواز شريف ۽ مريم نواز کي فيصلي خلاف اپيل جو حق آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
وزيراعظم ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا
In تازا ترينفروری 22, 2019آغا سراج دراني سخت سيڪيورٽي هيٺ احتساب عدالت ۾ پيش، پهرئين مارچ تائين رمانڊ تي نيب حوالي
In پاڪستان, تازا ترينفروری 22, 2019نيب دهشتگردي واري انداز ۾ ڪارروائيون پئي ڪري، وڏو وزير هئڻ باوجود اسپيڪر کي بچائي نه سگهيس: مراد شاھ
In تازا ترين, سنڌفروری 22, 2019قومي اسيمبلي ۾ آغا سراج جي گرفتاري تي هنگامو، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ، پ پ ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
In پاڪستان, تازا ترينفروری 22, 2019آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني گرفتار، 3 ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور
In تازا ترينفروری 21, 2019احتساب تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، مخالف ڌر کي گرفتارين تي جمهوريت ياد اچي ويندي آهي: وزيراعظم
In پاڪستان, تازا ترينفروری 21, 2019اسپيڪر کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چيلينج ڪيو ويو، هاڻ حڪومت کي وڌيڪ وقت نه ڏينداسين: آصف زرداري
In پاڪستان, تازا ترينفروری 21, 2019اسلام آباد ۾ ننڍن صوبن جا نمائندا محفوظ نه رهيا ته صوبن ۾ وفاقي نمائندا به محفوظ نه رهندا: پ پ
In تازا ترين, سنڌفروری 21, 2019وفاق آئين موجب گئس فراهم ڪري، سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين: وڏو وزير
In تازا ترين, سنڌفروری 21, 2019پاڪستان کي خيرات نه پر سيڙپڪاري ڪريون پيا، 2030ع تائين وڏي معيشت هوندو، پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا: سعودي عرب
In تازا ترينفروری 19, 2019
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟