مزاح سان ڀرپور فلم سريز هائوس فُل جي چوٿين جي حصي جي شوٽنگ شروع

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جي مزاحيه فلم سريز هائوس فل جي جوٿين حصي جي شوٽنگ جي شروعات ٿي وئي. اداڪار ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو آهي ته هن بوبي ديول ۽ رتيش ديشمک سان گڏ ان فلم جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. اڪشي ڪمار ان ٽوئيٽ سان گڏ پنهنجي، بوبي ديول ۽ رتيش ديشمک جي تصوير پڻ شيئر ڪئي.ياد رهي ته اڪشي ڪمار ۽ رتيش ديشمک ان سريز جي سمورين فلمن جو حصو رهيا آهن جڏهن ته بوبي ديول جي اها پهرين هائوس فُل فلم هوندي. هن فلم ۾ ڪريتي سنين ۽ جوني ليور پڻ ڪم ڪندي نظر ايندا جڏهن ته فلم جي هدايتڪاري جا فرض ساجد خان انجام ڏئي رهيو آهي. واضح رهي ته ساجد خان ان سريز جي پهرين ٻن فلمن جي هدايتڪار پڻ ڏئي چڪو آهي جڏهن ته ٽئين فلم جي هدايتڪاري ساجد فرحاد ڏني هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں