سونالي باندري جي لاپرواهي، ڪينسر خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري باليووڊ اداڪارا سونالي باندري جي ميڊيڪل رپورٽ منظر عام تي اچي وئي آهي جنهن موجب اداڪارا جي لاپرواهي سبب ڪينسر خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ويو آهي. باليووڊ اداڪارا سونالي باندري گذريل هفتي اها افوسسناڪ خبر ٻڌائي هئي ته هو هاءِ گريڊ ڪينسر ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي. سونالي جي ڪينسر ۾ مبتلا هئڻ جو خبر سندس مداحن کان سواءِ فلم انڊسٽري سان واسطو رکندڙن مٿان پڻ وڄ جيان ڪڙڪي هئي. پر سونالي باندري ڪينسر کان هار نه مڃي ۽ هن سوشل ميڊيا ته ڪينسر خلاف وڙهڻ جو فيصلو ڪندي ٻڌايو هو ته هو  علاج جي سلسلي ۾ نيويارڪ ۾ موجود آهي. ڀارتي ميديا جي رپورٽن موجب اداڪارا سونالي باندري جي ميڊيڪل رپورٽ منظرعام تي اچي وئي آهي، جنهن تحت سونالي باندري جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب سندس ڪينسر هاءِ گريڊ اسٽيج تائين پهتو جيڪا ڪينسر جي هڪ خطرناڪ شڪل آهي. سونالي باندري جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اداڪارا کي ڊگهي عرصي کان جسم ۾ سور جي شڪايت هئي پر هو پنهنجي جسم ۾ ٿيندڙ سور کي نظرانداز ڪندي رهي ۽ جڏهن سور برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ته سندس بيماري خطرناڪ اسٽيج تي پهچي چڪي هئي. تڏهن ان ٽيسٽ ڪرايا، جنهن ۾ ڪينسر جي تصديق ٿي، جيڪڏهن هو وقت سر ٽيسٽ ڪرائي ها ته شروعات ۾ ئي بيماري جي پتو پئجي وڃي ها. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي سونالي باندري ويجهڙائي ۾ نڪتل تصوير شيئر ڪندي پنهنجي ۽ پسنديدا ليکڪ جو قول لکيو ته اسان کي جيستائين پنهنجي طاقت جو اندازو ناهي هوندو تيستائين اسان کي پنهنجي لڪل طاقت کي اڳيان آڻڻ جو ڪو به موقعو ناهي ملندو. ماڻهن جي اها طاقت سندن خراب وقت، يا سندن اندر هلندڙ ڪنهن جنگ جي نتيجي ۾ سامهون ايندي آهي. ان سان گڏ ئي سونالي انهن سمورن ماڻهن جا ٿورا مڃيا جيڪي سندس لاءِ دعائون ۽ پيار جا تحفا موڪليندا آهن. هن لکيو ته توهان سڀني جي پيار ۽ نيڪ خواهشن سان طاقت ملندي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اڪيلي هئڻ جو احساس ناهي ٿيندو. اهڙي طرح ئي سونالي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو بيماري سبب پنهنجي ڊگها ۽ خوبصورت وار ڪٽرائيندي نظر اچي رهي آهي ۽ ان موقعي تي سندس نيڻن ۾ ڳوڙها واضح طور ڏسي سگهجن ٿا. ياد رهي ته سونالي باندري کي هاءِ گريڊ ڪينسر جي آهي، جنهن ۾ جسم جي عضوا صيحيح طرح ڪم ناهن ڪندا جڏهن ته اهو ڪينسر جسم ۾ عام ڪينسر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان پکڙجندو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں