ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جو گيت تيري بن سونا مداحن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي(شوبز نيوز) ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جي گيت ”پاريڪ، فقيرا ۽ نصيبايا ته ريليز ٿيندي ئي تمام گهڻي مشهوري ماڻي، پر ان سلسلي جي چوٿين گيت” تيري بن سونا“ کي ٻڌي مداحن ڪافي حد تائين مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. ”تيري بن سونا“  ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جو چوٿون گيت آهي. لاهور ۾ ريليز ٿيندڙ ان گيت کي نوجوان ڳائڻيءَ مشعال خواجه ڳايو آهي.  ان کان اڳ ڪيلاش جي وادي مان” پاريڪ“  سنڌ مان ”فقيرا“ ۽ بلوچستان جي علائقي صحبت پور مان ”نصيبايا“ ثقافت جا رنگ وکيري سڀني کي متاثر ڪيو هو پر لاهور مان ريليز ڪيل گيت” تيري بن سونا“ مداحن کي ڪجهه خاص متاثر نه ڪري سگهيو. ان گيت ۾ لاهور جي ثقافت ۽ پنجابي موسيقي جو دور ڏيکاريون ويو آهي، جڏهن مڪمل ڌيان ڳائڻيءَ ڏانهن ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان مداحن جو چوڻ آهي ته 3 بهترين گيتن بعد تمام گهڻي اميد هئي پر”تيري بن سونا“ اهو تسلسل ٽوڙي ڇڏيو. هڪ مداح ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جي فيسبڪ پيج تي تبصرو ڪندي لکيو ته مشعال واقعي تمام بهترين ڳائڻي ٿي سگهي ٿي، پر 3 زبردست گيتن بعد اميد تمام گهڻي هئي، پر گيت اميدن تي پورو نه لٿو،  ۽ نار سُر موسيقي جو تسلسل به ترڪ ڪيو ويو ، پر ان باوجود هو نون گيتن جي انتظار ۾ آهن.  هڪ واهپيدار لکيو ته گيت سٺو آهي، ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو ٽيلنٽ به سٺو هٿ ڪيو آهي، پر پنجابي موسيقي ۾ ڌمال، ڀنگڙا، هير ۽ صوفي ڪلام هوندو آهي، موسيقي پنجاب جو روح آهي ۽ ان گيت ۾ ناانصافي ڪئي وئي.  ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ان گيت جو پوئين گيتن سان ڪو به مقابلو ناهي، جڏهن ته هڪ مداح لکيو ته شمو ۽ وشنو جو ڪو به ميچ ناهي. ياد رهي ته شمو ۽ وشنو ڀيڻ ڀائر آهن جن ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جو ٻيو گيت” فقيرا“ ڳايو هو. مداحن جي ان تبصرن بعد ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر جو چوڻ آهي ته ان پروگرام جو مقصد پاڪستان جي موسيقي جي ڪهاڻين کي پيش ڪرڻ ۽ فنڪارن جي ٽيلنٽ کي جلا بخشڻ آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں