سٺو لڳندو آهي جڏهن پرڏيهي ملڪن جا ماڻهو به اسان جون فلمون ڏسندا آهن: راج ڪمار هيراني

 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي زندگي تي ٺهيل فلم ”سنجو“ کي ميلبورن انڊين فلم فيسٽيول جي حصي طور آسٽريليا جي لاتوب يونيورسٽي جي شاگردن کي ايندڙ مهيني ڏيکاري ويندي. ڀارتي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب ان سلسلي ۾ هدايتڪار راج ڪمار هيراني جو چوڻ آهي ته کيس هميشه سٺو لڳندو آهي ته جڏهن مختلف ملڪن جا پرڏيهي اسان جون فلمون ڏسندا آهن ۽ ان سلسلي ۾ آسٽريليا جي لاتوب يونيورسٽي جي شاگردن کي سنجي دت جي زندگي تي ٻڌل فلم ”سنجو “ايندڙ مهيني ڏيکاري ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں